ناروي ويل ’بيٽر فيوچر پاڪستان‘ جي ڪيمپ مان 15 ورهين جو فٽبال رانديگر لاپتا ٿي ويو آهي.
بيٽر فيوچر پاڪستان موجب، رانديگر انتظاميه کان اجازت وٺڻ کانسواءِ ڪيمپ ڇڏي ويو، جڏهن ته هيل تائين سندس ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي.
انتظاميه جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب رانديگر پنهنجي مرضي سان ڪيمپ ڇڏي، جڏهن ته زبردستي يا اغوا ٿيڻ جو ڪو به شڪ ظاهر ناهي ٿيو.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته رانديگر کي آخري ڀيرو ڏسڻ کان لڳ ڀڳ 20 منٽن اندر پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن فوري طور ڳولا ۽ ضروري ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته ناروے ڪپ 25 جولاءِ کان پهرين آگسٽ تائين اوسلو ۾ کيڏيو ويو، جڏهن ته ڪيمپ ۾ شرڪت ڪندڙ باقي سڀئي پاڪستاني رانديگر محفوظ نموني وطن واپس پهچي چڪا آهن.