ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
پهريون ٽيسٽ: ٻئي ڏينهن پاڪستان ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ 3 وڪيٽن تي 199 رنسون ٺاهي ورتيون

پهريون ٽيسٽ: ٻئي ڏينهن پاڪستان ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ 3 وڪيٽن تي 199 رنسون ٺاهي ورتيون


ٽروبا: ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان اعتماد سان بيٽنگ ڪندي ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ 3 وڪيٽن تي 199 رنسون ٺاهي ورتيون.

ٽروبا ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن پاڪستان پهرين اننگز ۾ ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ 3 وڪيٽن تي 199 رنسون اسڪور ڪيون، شان مسعود 88 رنسن ۽ سلمان علي آغا صفر رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن.

امام الحق 63، اذان اويس صفر ۽ ڪپتان بابر اعظم 23 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا.

ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز

ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ويسٽ انڊيز پنهنجي پهرين اننگز 194 رنسون 3 رانديگر آئوٽ کان اڳتي وڌائي. ڪيوم هوج 84 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته شي هوپ 92 رنسن جي اننگز کيڏي.

ويسٽ انڊيز جي سڄي ٽيم کاڌي جي وقفي کان پوءِ 311 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.

پاڪستان طرفان محمد علي 4 رانديگر آئوٽ ڪيا، محمد عباس 3، خرم شهزاد 2 ۽ عامر جمال هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پاڪستان جي پهرين اننگز

ويسٽ انڊيز جي 311 رنسن جي جواب ۾ پاڪستان جي شروعات سٺي نه رهي، اوپنر اذان اويس بنا ڪو رن ٺاهڻ جي پويلين موٽي ويو.

ٻئي وڪيٽ لاءِ شان مسعود ۽ امام الحق 155 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي، امام الحق 63 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته بابر اعظم به 23 رنسون ٺاهي سگهيو.

ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تائين پاڪستان 3 وڪيٽن تي 199 رنسون ٺاهي ورتيون، شان مسعود 88 ۽ سلمان علي آغا بنا ڪو رن ٺاهڻ جي ڪريز تي موجود آهن.

پاڪستان کي ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز جو خسارو پورو ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 112 رنسن جي ضرورت آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو فيصلو
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو ف…
12 Aug 2026
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي …
13 Aug 2026
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن حمايت واپس وٺي ڇڏي
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبا…
14 Aug 2026
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو…
17 Aug 2026
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي…
19 Aug 2026
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ کٽي ورتو
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گري…
19 Aug 2026
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪر…
21 Aug 2026
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن…
21 Aug 2026
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ…
22 Aug 2026
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي آنر بورڊ تي شامل
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود …
22 Aug 2026