ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 24 لک ڇوڪريون ثانوي تعليم کان محروم: يونيسڪو

طالبان جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ 24 لک ڇوڪريون ثانوي تعليم کان محروم: يونيسڪو

گڏيل قومن جي اداري يونيسڪو افغانستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي بابت رپورٽ جاري ڪئي آهي

يونيسڪو موجب طالبان جي ٻيهر اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ تقريبن 24 لک ڇوڪريون ثانوي تعليم کان محروم آهن، جڏهن ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ ثانوي تعليم کان محروم افغان ڇوڪرين جي انگ ۾ 2 لک جو اضافو ٿيو آهي.

يونيسڪو جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جيڪڏهن پابندي برقرار رهي ته 2030 تائين تعليم کان محروم ڇوڪرين جو انگ 40 لک تائين پهچي سگهي ٿو. افغان ڇوڪرين ۽ عورتن کي تعليم حاصل ڪرڻ جو حق حاصل آهي ۽ اهو بنيادي انساني حق آهي.

يونيسڪو موجب ڇوڪرين جي تعليم تي پابندي جا افغانستان جي معيشت تي به سنگين اثر پئجي رهيا آهن، افغانستان ۾ 10 سالن جي عمر وارن 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار سادي لکڻي پڙهڻ کان به قاصر آهن.

يونيسڪو افغانستان ۾ ڇوڪرين جي تعليم جو حق فوري طور بحال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ افغان عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف امتيازي سلوڪ جي پڻ مذمت ڪئي آهي.

خبر ايجنسي موجب افغانستان ۾ ڇوڪرين کي مارچ 2022 ۾ ثانوي اسڪولن ۾ وڃڻ کان روڪيو ويو هو، جڏهن ته 2022 ۾ يونيورسٽيون پڻ عورتن لاءِ بند ڪيون ويون هيون.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026