ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
ٻيو ٽيسٽ: پهرين ڏينهن ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف 5 وڪيٽن تي 239 رنس ٺاهي ورتا

ٻيو ٽيسٽ: پهرين ڏينهن ويسٽ انڊيز پاڪستان خلاف 5 وڪيٽن تي 239 رنس ٺاهي ورتا


ويسٽ انڊيز ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي آخري ٽيسٽ ۾ پاڪستان خلاف پهرين ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تي 5 وڪيٽن تي 239 رنس ٺاهي ورتا

پورٽ آف اسپين ۾ کيڏي ويندڙ ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

ٻئي ٽيسٽ ۾ پاڪستاني ٽيم 4 تبديلين سان ميدان ۾ لٿي، جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي.

عبدالله شفيق، اويس ظفر، ساجد خان ۽ عبيد شاهه کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان طرفان عبيد شاهه ۽ اويس ظفر ڊيبيو ڪري رهيا آهن، عبيد شاهه کي محمد عباس جڏهن ته اويس ظفر کي بابر اعظم ڊيبيو ڪيپ ڏني.

برسات سبب راند 15 منٽ دير سان شروع ٿي. پهرين سيشن ۾ رڳو 9.5 اوورن جي راند ممڪن ٿي سگهي، جنهن ۾ تيج نرائن چندرپال 15 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو. ويسٽ انڊيز جو اسڪور هڪ وڪيٽ تي 49 رنس رهيو.

ٻئي سيشن ۾ پاڪستاني بالرن وڌيڪ 3 وڪيٽون حاصل ڪيون، برينڊن ڪنگ 46، ڪيوم هوج 10 ۽ عامر جنگو 26 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. ٽئين سيشن ۾ شائي هوپ پڻ 29 رنس اسڪور ڪري محمد علي جو ٻيو شڪار بڻيو، پنجين وڪيٽ لاءِ جسٽن گريوز سان سندس 53 رنسن جي ڀائيواري رهي.

خراب روشني سبب جڏهن راند وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي ته ويسٽ انڊيز 74 اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 239 رنس ٺاهي چڪو هو. ويسٽ انڊيز طرفان جسٽن گريوز 64 ۽ ڪپتان روسٽن چيس 36 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهن.

پاڪستان طرفان محمد علي 2، جڏهن ته ساجد خان، عبيد شاهه ۽ علي عثمان هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو فيصلو
اولمپڪ گولڊ ميڊلسٽ ارشد نديم جو پرڏيهي ٽريننگ جو ف…
12 Aug 2026
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي
اڳوڻي ڪرڪيٽر عاقب جاويد جي ڌيءَ برطانيا ۾ شادي جي …
13 Aug 2026
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبال ايسوسيئيشن حمايت واپس وٺي ڇڏي
فيفا جي صدر جاني انفانٽينو کي وڏو ڌڪ، آئرلينڊ فٽبا…
14 Aug 2026
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
”شايد هي منهنجو آخري سال هجي“ رونالڊو رٽائرمينٽ جو…
17 Aug 2026
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي دٻاءُ نه هوندو، اسسٽنٽ ڪوچ عدنان ذاڪر
هاڪي ورلڊ ڪپ 2026: ڀارت خلاف ميچ ۾ پاڪستاني ٽيم تي…
19 Aug 2026
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گرينز کي شڪست ڏئي نيشنل چيمپئنز ڪپ کٽي ورتو
شاهين آفريدي جي تباهه ڪندڙ بالنگ، پاڪستان گولڊ گري…
19 Aug 2026
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪرڻ کانپوءِ فوت ٿي وئي
پاڪستاني نوجوان ڪوهنورد اسما مشتاق ’اسپانٽڪ‘ سر ڪر…
21 Aug 2026
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن جي ڪمزور ترين ٽيم قرار
انگلينڊ جي دوري تي موجوده پاڪستان ٽيسٽ ٽيم 50 سالن…
21 Aug 2026
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو
جو روٽ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيچز جو ورلڊ رڪارڊ…
22 Aug 2026
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود جو نالو برطانوي ڪلب ريڪسهم اي ايف سي جي آنر بورڊ تي شامل
پاڪستان وومين فٽبال ٽيم جي رانديگرياڻي مريم محمود …
22 Aug 2026