بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ارجن ڪپور سان ڊيٽنگ جي افواهن تي اداڪارا صاحبه بالي آخرڪار خاموشي ٽوڙي ڇڏي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ارجن ڪپور ۽ صاحبه بالي تازو ڏينهن ۾ گڏ نظر اچڻ سبب خبرن جي مرڪز بڻيل آهن.
رپورٽن موجب ٻنهي اداڪارن ان وقت سڀني جو ڌيان ڇڪايو، جڏهن کين لنڊن جي مشهور لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ڀارت ۽ انگلينڊ وچ ۾ کيڏيل ٽئين ون ڊي ميچ دوران گڏ ويٺل ڏٺو ويو.
ٻنهي جي گڏيل تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ سندن ڊيٽنگ بابت مختلف افواهون گردش ڪرڻ لڳيون.
انهن افواهن تي ردعمل ڏيندي صاحبه بالي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي ارجن ڪپور سان گڏ تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو، "هر ڳالهه تي يقين نه ڪيو."
اداڪارا تصوير سان گڏ "حصو ٻيو" پڻ لکيو، ڇاڪاڻتہ ان کان اڳ سندس هڪ ٻي تصوير وائرل ٿي هئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي ماڻهن کيس مشهور اداڪارا انوشڪا شرما سمجهي ورتو هو.
صاحبه بالي جي هن وضاحت کان پوءِ ارجن ڪپور سان سندس لاڳاپن بابت هلندڙ افواهن تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي.