ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
ايئر انڊيا جي پائلٽ جو چرس واپرائي جهاز اڏائڻ جو انڪشاف، ڊوپ ٽيسٽ راز کولي ڇڏيو

ايئر انڊيا جي پائلٽ جو چرس واپرائي جهاز اڏائڻ جو انڪشاف، ڊوپ ٽيسٽ راز کولي ڇڏيو

نئين دهلي: ايئر انڊيا جي فوڪيٽ کان نئين دهلي ويندڙ پرواز جي ڪپتان جي ڊوپ ٽيسٽ ۾ چرس واپرائڻ جي تصديق ٿي وئي آهي

ڀارتي ميڊيا موجب ٿائيلينڊ جي سياحتي ٻيٽ فوڪيٽ کان دهلي ايندڙ ايئر انڊيا جي پرواز جي ڪپتان جو ٻيو ڊوپ ٽيسٽ پڻ مثبت آيو آهي.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب 4 آگسٽ تي ايئر انڊيا جي پرواز AI-2379، جنهن ۾ 137 مسافر ۽ عملي جا 8 ڄڻا سوار هئا، فوڪيٽ کان دهلي اچي رهي هئي ته دورانِ پرواز ان جي اوچائي اوچتو 300 فوٽ گهٽجي وئي. هن واقعي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 مسافر ۽ عملي جا 4 ڄڻا زخمي ٿيا.

ذريعن ڀارتي ميڊيا کي واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته جڏهن جهاز اوچتو 300 فوٽ هيٺ آيو ته جهاز جو ڪپتان پنهنجي سيٽ تي موجود نه هو، جڏهن ته ان وقت جهاز جو ڪنٽرول فرسٽ آفيسر وٽ هو.

ڀارتي ميڊيا موجب پرواز جي لينڊنگ کانپوءِ نئين دهلي ۾ ڪيل اسڪريننگ دوران جهاز جي ڪپتان جي جسم ۾ نشي آور شين جي موجودگي ظاهر ٿي هئي.

ڪجهه عرصي کانپوءِ هڪ ٻيو ٽيسٽ ڪيو ويو ۽ اڱاري ڏينهن ذريعن ٻڌايو ته اهو ٽيسٽ پڻ مثبت آيو آهي. خاص طور تي ٽيسٽ مان تصديق ٿي آهي ته پائلٽ چرس واپرائي هئي.

ڀارت جي سول ايوي ايشن واري وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايئرڪرافٽ ايڪسيڊنٽ انويسٽيگيشن بيورو واقعي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ايئر لائن طرفان هن وقت تائين ڪو به بيان جاري ناهي ڪيو ويو.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026