ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
09 جولائی 2026
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ اهم انڪشاف

فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ اهم انڪشاف

مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائڻ واري هڪ اهم سبب جي سڃاڻپ

اڄ جي دور ۾ بانجھپڻ جو مرض تمام تيزي سان وڌي رهيو آهي، خاص طور تي مردن کي هن مسئلي جو وڌيڪ منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

هاڻي سائنسدانن مردن ۾ بانجھپڻ جي ڪيسن ۾ واڌ جو هڪ اهم ممڪن سبب دريافت ڪيو آهي، ۽ اهو آهي فضائي آلودگي.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ميساچوسٽس يونيورسٽي جي تحقيق موجب فضائي آلودگي سبب اهي جينز ڪم ڪرڻ بند ڪري ڇڏين ٿا، جيڪي مردن ۾ صحتمند اسپرم ٺاهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

ان کان اڳ به مختلف تحقيقي رپورٽن ۾ اهو سامهون اچي چڪو آهي ته فضائي آلودگي وارن علائقن ۾ رهندڙ مردن ۾ بانجھپڻ جي شرح وڌيڪ هوندي آهي، پر ان جو سبب هينئر تائين معلوم نه ٿي سگهيو هو.

هاڻي هن نئين تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته آلوده هوا مردن جي پيداواري صحت ۽ خلين تي منفي اثر وجهي ٿي.

تحقيق ۾ معلوم ٿيو ته فضائي آلودگي سبب متاثر ٿيندڙ مردن جي اهم جينز جي ڊي اين اي ۾ ڪيميائي تبديليون اچي وڃن ٿيون.

اهي تبديليون هڪ لائيٽ سوئچ وانگر ڪم ڪن ٿيون، جيڪي جينز جي عمل کي بند ڪري ڇڏين ٿيون.

محققن موجب هن دريافت مان ظاهر ٿئي ٿو ته فضائي آلودگي مردن جي پيداواري صحت تي اثرانداز ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ اهم ڊي اين اي تبديل ٿي وڃي ٿو ۽ اسپرم ٺهڻ جو عمل متاثر ٿئي ٿو.

هنن وڌيڪ چيو ته هو اهو سمجهڻ چاهين ٿا ته فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو ڪهڙي حد تائين وڌائي ٿي.

عالمي صحت اداري (WHO) اپريل 2023ع ۾ جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو هو ته دنيا جي 17.5 سيڪڙو بالغ آبادي کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي بانجھپڻ جو مسئلو پيش اچي ٿو.

اهي انگ اکر 1990ع کان 2021ع تائين ٿيل 100 کان وڌيڪ طبي تحقيقن تي ٻڌل هئا.

امير، وچولي آمدني وارن ۽ غريب ملڪن ۾ بانجھپڻ جي شرح جي ڀيٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي مسئلو دنيا جي هر علائقي لاءِ هڪ سنگين طبي چئلينج بڻيل آهي.

امير ملڪن ۾ بانجھپڻ جي شرح 17.8 سيڪڙو، جڏهن ته وچولي ۽ غريب ملڪن ۾ اها 16.5 سيڪڙو آهي.

هڪ ٻي تحقيق موجب هر ٽن مان هڪ ڪيس ۾ بانجھپڻ جو مسئلو مردن ۾ ڏٺو وڃي ٿو.

سائنسدان هن مسئلي جي سببن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ سندن خيال آهي ته ماحول ۾ موجود ڪيميائي مادا ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، پر ان بابت اڃا تائين مضبوط ثبوت موجود ناهن.

هن نئين تحقيق ۾ ٻن هزار کان وڌيڪ مردن کي شامل ڪيو ويو ۽ ڇهن مهينن تائين انهن جي پيداواري صحت ۽ ڊي اين اي ۾ ٿيندڙ تبديلين جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق مان معلوم ٿيو ته اوزون، نائٽروجن ڊاءِ آڪسائيڊ، سلفر ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ فضائي آلودگي جا ٻيا ننڍڙا ذرڙا ڊي اين اي ۾ 39 تبديليون آڻين ٿا، جيڪي بانجھپڻ جو خطرو وڌائين ٿيون.

هن تحقيق جا نتيجا سائنسي جرنل هيومن ري پروڊڪشن ۾ شايع ٿيا آهن.

ان کان اڳ سيپٽمبر 2024ع ۾ برٽش ميڊيڪل جرنل ۾ شايع ٿيل هڪ تحقيق ۾ به ٻڌايو ويو هو ته فضائي آلودگي جي ننڍڙن ذرڙن جي اثر هيٺ رهڻ سان مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌي وڃي ٿو.

ساڳئي تحقيق ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو ته ٽريفڪ جي شور سبب 35 سالن کان وڌيڪ عمر وارين عورتن ۾ به بانجھپڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو.

هن تحقيق ۾ 30 کان 45 سالن جي عمر وارن 5 لک 26 هزار مردن ۽ 3 لک 77 هزار کان وڌيڪ عورتن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.

انهن مان گهڻا ماڻهو والدين بڻجڻ جا خواهشمند هئا، جڏهن ته انهن ۾ بانجھپڻ جو خطرو پڻ وڌيڪ هو.

1995ع کان 2017ع تائين فضائي آلودگي جي ذرڙن ۽ ٽريفڪ جي شور جي سراسري سطح جو ڊيٽا پڻ گڏ ڪيو ويو ۽ اهو ڏٺو ويو ته تحقيق ۾ شامل ڪيترن ماڻهن ۾ بانجھپڻ جي تشخيص ٿي.

ان عرصي دوران 16 هزار 172 مردن ۽ 22 هزار 672 عورتن ۾ بانجھپڻ جي تشخيص ٿي.

آمدني، تعليم، پيشو ۽ ٻين عنصرن کي نظر ۾ رکڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته فضائي آلودگي جي وڌيڪ سطح ۾ پنجن سالن تائين رهڻ سان 30 کان 45 سالن جي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو 24 سيڪڙو تائين وڌي وڃي ٿو.

جڏهن ته انهن ذرڙن سبب عورتن ۾ بانجھپڻ جو خطرو نٿو وڌي، پر ٽريفڪ جو شور سراسري طور 10.2 ڊيسيبل هئڻ جي صورت ۾ 35 سالن کان وڌيڪ عمر وارين عورتن ۾ ايندڙ پنجن سالن دوران بانجھپڻ جو خطرو 14 سيڪڙو تائين وڌائي سگهي ٿو.

گهٽ عمر وارين عورتن ۾ ٽريفڪ جو شور بانجھپڻ جو خطرو نٿو وڌائي، جڏهن ته مردن جي پيداواري صحت تي به ان شور جا خاص منفي اثر ناهن ڏٺا ويا.

محققن موجب هي هڪ مشاهدي تي ٻڌل تحقيق آهي، تنهنڪري اڃا تائين سبب جو حتمي تعين نٿو ڪري سگهجي، ۽ انهن نتيجن جي تصديق لاءِ وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽر اٿارٽي بڻائڻ جو فيصلو
پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي کي ملڪ جي مرڪزي ڊيٽا ريگيوليٽ…
29 Jun 2026
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد …
30 Jun 2026
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ…
01 Jul 2026
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متع…
01 Jul 2026
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏنڊ لاڳو ٿيندا
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ ف…
02 Jul 2026
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ جاري: پي ٽي اي
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ…
03 Jul 2026
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعا…
03 Jul 2026
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا تائين معمو حل نه ڪري سگهيا
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا ت…
04 Jul 2026
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني ما…
08 Jul 2026
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيم…
09 Jul 2026