پاڪستان خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ کان انڪار واري معاملي تي ويسٽ انڊين فاسٽ بالر الزاري جوزف ۽ هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي آمهون سامهون اچي ويا
ويسٽ انڊيز ميڊيا موجب الزاري جوزف ڊيرن سيمي جي بيان کي تڪراري ۽ حوالي کان هٽي ڪري قرار ڏئي ڇڏيو.
ڊيرن سيمي موجب الزاري جوزف پاڪستان خلاف سليڪشن ٿيڻ باوجود سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪيو هو.
الزاري جوزف چيو ته منهنجي، هيڊ ڪوچ ڊيرن سيمي ۽ ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي هئي، ٻيو ڀيرو اسٽريس فريڪچر ٿيڻ کان پوءِ ڪافي عرصي تائين انٽرنيشنل ڪرڪيٽ نه کيڏي هئي، منهنجي ٻن ٽيسٽ ميچن ۽ پنج ون ڊي کيڏڻ بابت ڳالهه ٿي هئي، منهنجو جسم هڪ ٻي ٽيسٽ سيريز کيڏڻ لاءِ تيار نه هو، تنهن ڪري ڊيرن سيمي جو بيان تڪراري ۽ حوالي کان هٽي ڪري آهي.
فاسٽ بالر چيو ته مان هڪ پروفيشنل رانديگر آهيان ۽ ويسٽ انڊيز جي نمائندگي ڪندو آهيان، ڊيرن سيمي جي نه، منهنجي ڪمر جي هيٺئين حصي ۾ انجري ٿي هئي.
واضح رهي ته ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز ۾ ويسٽ انڊيز کي پاڪستان خلاف هڪ، صفر جي برتري حاصل آهي.