بالي ووڊ جي ليجنڊري اداڪار اميتاب بچن مشهور اداڪارا پريتي زنٽا پاران سندس سالگرهه جي مبارڪ جو جواب نه ڏيڻ تي دلچسپ انداز ۾ شڪايت ڪئي آهي
پريتي زنٽا ڪيترن ئي سالن کانپوءِ مشهور ڪوئز شو ’ڪون بنيگا ڪروڙ پتي‘ ۾ مهمان طور شرڪت ڪرڻ وڃي رهي آهي، جتي سندس ملاقات ميزبان اميتاب بچن سان ٿيندي. شو جي نئين قسط جو جاري ڪيل پرومو مداحن جي خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
پرومو ۾ اميتاب بچن پريتي زنٽا کي چوي ٿو ته، ”مون کي توهان سان هڪ وڏي شڪايت آهي.“
ليجنڊري اداڪار چيو ته هو هر سال 31 جنوري تي پريتي زنٽا کي سندس سالگرهه جي مبارڪباد ڏئي ٿو، پر اداڪارا اڄ تائين هڪ ڀيرو به سندس مبارڪ جو جواب ناهي ڏنو.
اميتاب بچن جي اوچتي شڪايت تي پريتي زنٽا حيران نظر آئي ۽ ٻنهي وچ ۾ اهو لمحو خوشگوار ۽ مزاحيه صورتحال ۾ تبديل ٿي ويو.
دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اميتاب بچن ان کان اڳ به پريتي زنٽا سان ساڳي شڪايت ڪري چڪو آهي.
تازي پرومو کانپوءِ مداحن ۾ تجسس وڌي ويو آهي ته پريتي زنٽا هن ڀيري اميتاب بچن جي شڪايت جو ڪهڙو جواب ڏيندي. جيتوڻيڪ ڪجهه مداحن ٻنهي وچ ۾ ڪنهن اختلاف بابت قياس آرائيون ڪيون، پر سندن گفتگو بظاهر ڊگهي عرصي کان قائم دوستانه لاڳاپن ۽ خوشگوار مذاق جو حصو نظر اچي ٿي.