ڀارتي ڳائڻي اريجيت سنگهه پلي بيڪ ڳائڻ مان رٽائرمينٽ ختم ڪري ٻيهر سُرن جي دنيا ۾ واپسي ڪري ورتي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب اريجيت سنگهه پلي بيڪ ڳائڻ جي دنيا ۾ ٻيهر قدم رکي رهيو آهي، جتي هو هڪ مشهور ٽيم سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان هو اڳ به ڪيترائي هٽ گيت ڳائي چڪو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ڳائڻي بالي ووڊ اداڪار عمران هاشمي جي فلم "آواره پن 2" جي پهرين گيت "يه آواره پن" لاءِ فلم جي پروڊيوسر وشيش ڀٽ سان ٻيهر ڪم شروع ڪيو آهي. هن گيت کي امل ملڪ ڪمپوز ڪيو آهي، جيڪو 21 جولاءِ تي سڀني اسٽريمنگ پليٽ فارمن تي رليز ڪيو ويندو.
ڀارتي ميڊيا موجب وشيش ڀٽ چاهيو ٿي ته هي گيت عمران هاشمي جي ڪردار "شيوام پنڊت" جي جذباتي سفر جي عڪاسي ڪري، ۽ سندس خيال هو ته اريجيت سنگهه جي آواز ان لاءِ بلڪل موزون آهي.
واضح رهي ته اريجيت سنگهه هلندڙ سال جي شروعات ۾ پنهنجي انسٽاگرام ذريعي مداحن کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي پلي بيڪ ڳائڻ ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو، جنهن تي سندس مداح ڪافي افسرده ٿي ويا هئا.