عالمي چيمپئن آسٽريليا آءِ سي سي ورلڊ ڪپ 2027 لاءِ اسڪواڊ ۾ رانديگرن جو انگ وڌائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
آسٽريليا ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ رانديگرن جو انگ 15 مان وڌائي 17 ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
ورلڊ ڪپ 2027 ۾ فائنلسٽ ٽيم 5 گروپ ميچ، 6 سپر سيون ميچ، هڪ سيمي فائنل ۽ هڪ فائنل کيڏندي، جڏهن ته ورلڊ ڪپ 2023 جي مقابلي ۾ فائنلسٽ ٽيم 11 بدران 13 ميچ کيڏندي.
آسٽريلوي ڪوچ اينڊريو ميڪڊونلڊ چيو ته 15 رانديگرن واري اسڪواڊ ۾ جيڪڏهن هڪ يا ٻه رانديگر زخمي هجن ته سليڪشن ڏکيو ٿي ويندو آهي، جيڪڏهن ايونٽ پري وارن علائقن ۾ ٿي رهيو هجي ته لاجسٽڪ مسئلن کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو، اهڙي صورتحال ۾ اسڪواڊ ۾ رانديگرن جو انگ وڌائڻ گهرجي.
اينڊريو ميڪڊونلڊ چيو ته فيفا رانديگرن جو انگ 26 تائين رکڻ جي اجازت ڏئي ٿي، جڏهن ته فٽبال ۾ به ميدان تي 11 ئي رانديگر هوندا آهن، عالمي چيمپئن اسپين 8 ميچ کيڏي هئي.