بالي ووڊ اداڪار ٽائيگر شروف هاڻي فٽبالر طور پنهنجي نئين سفر جي شروعات ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ٽائيگر شروف کي ڀارت جي اهم فٽبال ٽورنامينٽ ڊورنڊ ڪپ لاءِ ممبئي ايف سي جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. سوشل ميڊيا تي سندس فٽبال کيڏڻ جون وڊيوز اڳ ئي تمام گهڻيون وائرل ٿي چڪيون آهن، جتي کيس بهترين مهارت سان راند ڪندي ڏٺو ويو آهي. رپورٽن موجب هو هن وقت ممبئي ايف سي سان گڏ ٽريننگ ڪري رهيو آهي ۽ امڪان آهي ته هو 30 جولاءِ تي شيلانگ ۾ ٿيندڙ گروپ مرحلي جي آخري ميچ ۾ پنهنجو ڊيبيو ڪري. ٽائيگر شروف 2024ع ۾ هن ڪلب جي بنياد رکڻ کان وٺي ان سان لاڳاپيل رهيو آهي ۽ ڪلب جي برانڊ ايمبيسيڊر طور پڻ خدمتون انجام ڏئي رهيو آهي.