بجلي جي وڌندڙ قيمتن جي وچ ۾ برطانيا جي هڪ ڪمپني اهڙو جديد اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو مٽي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانوي ڪمپني Bactery پاران تيار ڪيل هي ڊوائيس زمين ۾ موجود قدرتي بيڪٽيريا مان توانائي حاصل ڪري بجلي پيدا ڪري سگهي ٿو.
ڪمپني جي باني ۽ چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽر جيڪب موجب هن وقت ڊوائيس جي آزمائش شهر باتھ جي ڀرسان موجود هڪ باغ ۾ ڪئي پئي وڃي ته جيئن حقيقي حالتن ۾ ان جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو وڃي.
هن وضاحت ڪئي ته هي اوزار بنيادي طور تي هڪ بيٽري وانگر ڪم ڪري ٿو، جيڪا زمين ۾ موجود بيڪٽيريا مان توانائي گڏ ڪري بجلي ۾ تبديل ڪري ٿي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته ڊوائيس 24 ڪلاڪ مسلسل بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ مستقبل ۾ ان کي هر قسم جي مٽيءَ ۾ ڪارآمد بڻائڻ جو ارادو آهي.
ڊاڪٽر جيڪب موجب هي ٽيڪنالاجي سولر سسٽم جهڙن ماحول دوست توانائي ذريعن سان گڏ استعمال ڪري سگهجي ٿي ۽ گهٽ خرچ تي بجلي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي. ڪمپني جو اهو به دعويٰ آهي ته هي ڊوائيس روايتي بيٽري سان هلندڙ نظامن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ عرصي تائين ڪم ڪري سگهي ٿو.