اٽلي جي شهر ملان جي ليناتي ايئرپورٽ تي هڪ فياٽ پانڊا گاڏي نجي جهاز سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ايئرپورٽ تي هوائي آپريشن متاثر ٿيو۔
ابتدائي اطلاعن موجب حادثو سومر ڏينهن صبح 11 لڳي 20 منٽن تي پيش آيو، جڏهن فياٽ پانڊا گاڏي بي قابو ٿي هاڪر بيچ ڪرافٽ 400 اي نجي جهاز جي اڳئين حصي سان ٽڪرائجي وئي۔ ٽڪر جي نتيجي ۾ نجي جهاز جي ريڊار ڊوم ۽ نڪ واري حصي کي نقصان پهتو۔
حادثي کان پوءِ امدادي اهلڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جن جهاز سان گڏ گاڏي جو پڻ معائنو ڪيو، جڏهن ته حادثي ۾ ڪنهن به شخص جي زخمي ٿيڻ جي اطلاع ناهي۔
حادثي سبب ليناتي ايئرپورٽ تي هوائي آپريشن 30 منٽن لاءِ روڪيو ويو، ايئرپورٽ تي هڪ ئي وقت ڪيترين ئي پروازن جي آمد ۽ روانگي سبب اڪثر پروازن کي متبادل ايئرپورٽن ڏانهن موڙيو ويو۔
اڃا تائين اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته گرائونڊ سروس ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏي جو ڊرائيور جهاز سان ٽڪرائجڻ کان اڳ گاڏي تي ضابطو ڇو نه رکي سگهيو۔
ابتدائي طور تي ڊرائيور جي ممڪن ڌيان هٽڻ يا طبي مسئلي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به اختيارين طرفان انهن مان ڪنهن به سبب جي تصديق ناهي ڪئي وئي۔