لاهور: قومي ڪرڪيٽرن کي ڪيريبين پريميئر ليگ لاءِ اين او سي 19 آگسٽ تي جاري ڪيا ويندا.
ذريعن موجب سي پي ايل اڄ کان شروع ٿي رهي آهي، جنهن جو فائنل 20 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو.
ذريعن موجب نيشنل چيمپيئنز ڪپ ۾ شرڪت سبب قومي ڪرڪيٽرن کي اين او سي 19 آگسٽ کان ملندا، نيشنل چيمپيئنز ڪپ 11 کان 18 آگسٽ تائين ملتان ۾ کيڏي پئي وڃي.
صائم ايوب، شاداب خان، عثمان خان، معاذ صداقت، نسيم شاهه ۽ سفيان مقيم جو سي پي ايل ۾ معاهدو آهي، اهي ڪرڪيٽر چيمپيئنز ڪپ لاءِ مختلف ٽيمن جو حصو آهن.
عثمان طارق ۽ حنين شاهه به سي پي ايل ۾ شامل آهن ۽ اهي چيمپيئنز ڪپ جو حصو نه آهن.