ڪامن ويلٿ گيمز 2026 جي وومين باڪسنگ مقابلن ۾ پاڪستان جي فاطمه زاهره ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي.
اسڪاٽلينڊ ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز دوران عورتن جي 60 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ فاطمه زاهره ليسوٿو جي باڪسر کي ناڪ آئوٽ ڪري شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي.
ريئل ايبوها خلاف فاطمه زاهره جي واضح برتري ڏسندي ريفري مقابلو روڪي پاڪستاني باڪسر کي فاتح قرار ڏئي ڇڏيو.
هاڻي ڪوارٽر فائنل ۾ فاطمه زاهره جو مقابلو نيوزيلينڊ جي جارڊن وِلسن سان ٿيندو.