ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
اسمارٹ فونز جي ڪري پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي، تحقيق

اسمارٹ فونز جي ڪري پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي، تحقيق


اسمارٽ فونز جو استعمال هاڻي سڄي دنيا ۾ عام ٿي چڪو آهي ۽ اربين ماڻهو هن ڊيوائس کي استعمال ڪري رهيا آهن. پر تازين ٻن تحقيقي رپورٽن ۾ اسمارٽ فونز جي استعمال جو هڪ حيران ڪندڙ اثر سامهون آيو آهي.

امريڪا جي نيشنل بيورو آف اڪنامڪس ريسرچ جي تحقيق موجب 2007 کان وٺي آمريڪا ۾ ٻارن جي پيدائش جي شرح ۾ 22 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي. ياد رهي ته 2007 اهو سال هو جڏهن پهريون آئي فون متعارف ڪرايو ويو. تحقيق ۾ آئي فون يا اسمارٽ فونز کي برٿ ڪنٽرول (پيدائش جي شرح گهٽائڻ وارو عنصر) طور به بيان ڪيو ويو آهي.

ماهرن گهڻي عرصي تائين آمريڪا ۾ پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي کي 2008 جي عالمي معاشي بحران سان ڳنڍيو، جنهن دوران لکين ماڻهن کي معاشي مشڪلاتون پيش آيون. پر جڏهن معيشت بحال ٿي وئي تڏهن به پيدائش جي شرح معمول تي واپس نه آئي.

ٻين سببن ۾ مانع حمل ذريعن جو وڌندڙ استعمال، عورتن جي تعليم ۾ اضافو ۽ ٻارن جي پرورش جا وڌندڙ خرچ شامل آهن. تحقيق ۾ اهو به ڏٺو ويو ته 2007 ۾ آئي فون جي اچڻ کان پوءِ سماجي رابطن ۾ گهٽتائي آئي، جنهن جو اثر پيدائش جي شرح تي پيو.

2011 تائين آئي فون صرف هڪ موبائل نيٽ ورڪ تي دستياب هو، ان دوران جن علائقن ۾ ان جو استعمال وڌيو، اتي 15 کان 24 سالن جي عورتن ۾ پيدائش جي شرح 4.5 کان 8 سيڪڙو تائين گهٽ ٿي وئي. 24 سالن کان مٿي عمر وارن ۾ به معمولي گهٽتائي ڏٺي وئي.

محققن موجب صرف آئي فون کي واحد سبب قرار نٿو ڏئي سگهجي، پر واضح آهي ته اسمارٽ فونز جي اچڻ کان پوءِ سماجي ميل جول گهٽ ٿيو آهي، جنهن جو اثر آبادي جي واڌ تي پيو آهي. ساڳئي طرح هڪ ٻي تحقيق ۾ به عالمي سطح تي اهڙا ئي نتيجا سامهون آيا آهن، جنهن کي “گلوبل ٽيڪنالاجي شاک” قرار ڏنو ويو آهي.

مجموعي طور تي امير ۽ غريب ٻنهي قسمن جي ملڪن ۾ پيدائش جي شرح ۾ گهٽتائي سبب عمر رسيده آبادي وڌي رهي آهي، جڏهن ته افرادي قوت گهٽجي رهي آهي، جنهن سان سماجي سيڪيورٽي نظام تي به دٻاءُ وڌي رهيو آهي.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد …
30 Jun 2026
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ…
01 Jul 2026
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متع…
01 Jul 2026
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏنڊ لاڳو ٿيندا
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ ف…
02 Jul 2026
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ جاري: پي ٽي اي
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ…
03 Jul 2026
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعا…
03 Jul 2026
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا تائين معمو حل نه ڪري سگهيا
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا ت…
04 Jul 2026
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ اهم انڪشاف
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي،…
07 Jul 2026
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني ما…
08 Jul 2026
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيم…
09 Jul 2026