پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد ويسٽ انڊيز خلاف پهرين ٽيسٽ ۾ شڪست تي مايوسي جو اظهار ڪندي ايندڙ ٽيسٽ لاءِ پليئنگ اليون ۾ تبديلين جو اشارو ڏنو آهي.
پاڪستان ريڊ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ سرفراز احمد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان جي بيٽنگ مايوس ڪيو، اڪثر ٻي اننگز ۾ اسان جي بيٽنگ لائن ناڪام ٿي وڃي ٿي.
هن چيو ته پهرين اننگز ۾ اسان کي ليڊ وٺڻ گهرجي ها، امام الحق سٺي بيٽنگ ڪري رهيو هو، جيڪڏهن هو ٿورو وڌيڪ صبر ڪري ها ته ليڊ ملي سگهي ها.
سرفراز احمد چيو ته ٽئين ڏينهن ويسٽ انڊيز جي اٺين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 61 رنسون نه ٺهڻ گهرجن ها، اها ڀائيواري نه لڳڻ گهرجي ها ڇو ته وڪيٽ فاسٽ بالررن کي مدد ڏئي رهي هئي.
هن وڌيڪ چيو ته اسان وڪيٽ کي صحيح نموني پڙهيو هو، تنهنڪري 5 بالررن سان ميدان ۾ لٿاسين، اميد آهي ته ٻئي ٽيسٽ ۾ ڪم بيڪ ڪنداسين.
هڪ سوال جي جواب ۾ قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ چيو ته سعود شڪيل ۽ عبدالله شفيق کي موقعو ڏينداسين، پر فيصلو ڪنڊيشن ڏسي ڪيو ويندو.
واضح رهي ته ويسٽ انڊيز ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 90 رنسن تان شڪست ڏئي هڪ-صفر جي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.
ويسٽ انڊيز طرفان ڏنل 211 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ پاڪستان جي سڄي ٽيم ٻي اننگز ۾ 120 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته 8 رانديگر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا.