ٽيسلا، اسپيس ايڪس ۽ ايڪس جي مالڪ ايلون مسڪ مصنوعي ذهانت بابت هڪ نئين ۽ اهم اڳڪٿي ڪئي آهي. سندس چوڻ آهي ته ايندڙ 4 کان 5 سالن اندر مصنوعي ذهانت انساني ذهانت کي پوئتي ڇڏي ڏيندي.
ايلون مسڪ ايڪس تي هڪ صارف جي پوسٽ جو جواب ڏيندي چيو ته مصنوعي ذهانت جي شعبي ۾ تيزي سان ترقي ٿي رهي آهي ۽ اها ٽيڪنالاجي تمام جلد انسانن جي ذهني صلاحيتن کان به وڌيڪ ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي قابل ٿي ويندي.
هن چيو ته مصنوعي ذهانت انساني تاريخ کي تبديل ڪندڙ اهم ترين ٽيڪنالاجين مان هڪ ثابت ٿيندي. سندس خيال موجب ان سان تخليقي صلاحيتن ۾ اضافو ٿيندو، شين جي پيداوار وڌيڪ آسان بڻبي ۽ مختلف خدمتون سستيون ۽ هر هنڌ دستياب ٿي وينديون.
ايلون مسڪ موجب انسان نما روبوٽس ۽ ذهين مشينون جلد اهي ڪم به سرانجام ڏينديون جيڪي هن وقت انسان ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مختلف صنعتن ۾ مصنوعي ذهانت تي ڀاڙڻ وڌندو، لاڳت گهٽ ٿيندي ۽ ڪارڪردگي ۾ نمايان اضافو ايندو.
هن وڌيڪ اڳڪٿي ڪئي ته 2030 يا 2031 تائين مصنوعي ذهانت مجموعي طور سڀني انسانن کان وڌيڪ ذهين ٿي سگهي ٿي. سندس چوڻ آهي ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ رهيو ته ايندڙ سال جي آخر تائين عام ماڻهن لاءِ انسان نما روبوٽس وڪري لاءِ موجود هوندا.
ايلون مسڪ جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ اهڙو وقت به اچي سگهي ٿو جڏهن دنيا ۾ انسانن کان وڌيڪ روبوٽس موجود هوندا ۽ اهي انساني ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.