فيصل آباد: اسموگ ۽ ماحولياتي آلودگي سان مقابلي لاءِ فيصل آباد جي محققن هڪ جديد بايو آرٽيفيشل ليڪوئڊ ٽري تيار ڪيو آهي، جيڪو اڪيلو 50 روايتي وڻن جي برابر هوا صاف ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. پنجاب جي ماحوليات کاتي ۽ فيصل آباد جي هڪ نجي اداري جي گڏيل ڪوششن سان تيار ڪيل هي ليڪوئڊ ٽري شيشي جي مرتبان اندر ضيائي تاليـف (فوٽو سنٿيسس) جي عمل کي انتهائي تيز رفتاري سان ورجائي ٿو. ان ۾ لڳل هاءِ ٽيڪ پمپ آلودہ هوا ۽ اسموگ جا زهريلا ذرڙا پاڻي واري مرتبان ۾ داخل ڪن ٿا، جتي موجود مائڪرو الجي ڪاربان ۽ ٻين نقصانڪار گيسن کي جذب ڪري پنهنجي خوراڪ بڻائي ٿي ۽ ان جي بدلي ۾ وڏي مقدار ۾ خالص آڪسيجن خارج ڪري ٿي. ماهرن موجب هڪ ليڪوئڊ ٽري تيار ڪرڻ لاءِ رڳو 15 کان 20 ڏينهن گهربل هوندا آهن، جڏهن ته ننڍو ليڪوئڊ ٽري 25 ۽ وڏو ليڪوئڊ ٽري 50 وڻن جي برابر ماحول صاف ڪري سگهي ٿو. ڪامياب تجربن کان پوءِ پنجاب حڪومت هن ٽيڪنالاجي کي ماحولياتي آلودگي گهٽائڻ لاءِ استعمال ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جڏهن ته ماحولياتي تحفظ واري اداري پڻ آڪسي جينڪ ٽري کي منظوري جو سرٽيفڪيٽ