فٽبال جي عالمي اداري فيفا مجوزه منصوبي تي اٿاريل اعتراضن کان پوءِ وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي
فيفا جو چوڻ آهي ته غلط ميڊيا رپورٽن سبب مشاورتي عمل متاثر ٿيو، جڏهن ته اداري جي خواهش آهي ته سڀني 211 رڪن ملڪن کان حقيقتن جي بنياد تي راءِ ورتي وڃي
اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته ڪا به هڪ تنظيم سڀني 211 رڪن ملڪن جي نمائندگي ڪرڻ جي دعويٰ نٿي ڪري سگهي، جڏهن ته فٽبال وڪرو نه ٿي رهيو آهي ۽ فيفا اهڙو قدم ڪڏهن به نه کڻندي
فيفا موجب فيفا فارورڊ انٽرپرائز تحت تجارتي سرگرميون هڪ ماتحت اداري وسيلي هلائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جيڪو مڪمل طور فيفا جي ملڪيت ۽ ڪنٽرول هيٺ هوندو.
وضاحتي بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته تجارتي آمدني جو فائدو سڀني 211 رڪن ملڪن ۾ ورهائڻ جي تجويز آهي، جنهن تحت هر رڪن ملڪ کي 2027 کان 2030 تائين 2 ڪروڙ آمريڪي ڊالر فيفا فارورڊ فنڊنگ ڏني ويندي. بيان موجب، ٻاهرين سيڙپڪاري باوجود فيفا جو ڪنٽرول ۽ گورننس تبديل نه ٿيندي
فيفا جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اڪثريتي رڪن ملڪ حمايت نه ڪندا ته فيفا فارورڊ انٽرپرائز قائم نه ڪيو ويندو، جڏهن ته منصوبي جي منظوري، ترميم يا رد ڪرڻ جو فيصلو رڪن ملڪن جي مشاورت سان ڪيو ويندو