فيفا جي صدر جياني انفانٽينو ’فيفا فارورڊ انٽرپرائز منصوبي‘ کي واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
فيفا صدر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن منصوبي سبب فٽبال ۾ ورهاست پيدا ٿي، جيڪو هاڻي راند جي مفاد ۾ ناهي، تنهن ڪري فيفا فارورڊ انٽرپرائز منصوبو واپس ورتو ويو آهي.
هن چيو ته فيفا فارورڊ منصوبو فيفا جي رڪن ملڪن جي اڪثريت جي حمايت سان مشروط هو، سڀني ڌرين جون راءِ ٻڌڻ کان پوءِ منصوبي کي اڳتي نه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.
فيفا صدر موجب فيفا جو مقصد هميشه اتحاد ۽ فٽبال جي بهتري رهيو آهي، سڀني لاڳاپيل ڌرين کي ٻيهر هڪ ميز تي آندو ويندو ۽ ضرورت مند ملڪن ۾ فٽبال جي واڌاري جو مشن جاري رهندو.
هن وڌيڪ چيو ته فيفا فارورڊ منصوبو باضابطه طور ختم ڪيو ويو آهي ۽ ان بابت پيش ڪيل تجويزن تي وڌيڪ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي ويندي.