لاهور ۾ اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر محمد خليل جي گهر ۾ انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي سندس 10 مهينن جي ڌيءَ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. محمد خليل پاڻ ان افسوسناڪ واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته سندس 10 مهينن جي ڌيءَ ڪرنٽ لڳڻ سبب لاڏاڻو ڪري وئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته بدقسمتي سان هي حادثو پيش آيو، کيس ان واقعي جي اطلاع آمريڪا ۾ ملي، جنهن کانپوءِ هو واپس پاڪستان اچي رهيو آهي.