ڀارتي شهر ڪولڪتا جي هڪ هوٽل ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ ٻار سميت 9 ڄڻا فوت ٿي ويا
ڀارتي رياست بنگال جي گادي واري شهر ڪولڪتا جي هڪ هوٽل ۾ لڳل خوفناڪ باهه جي نتيجي ۾ ٻار سميت 9 ڄڻا فوت ۽ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڀارتي اختيارين موجب فوت ٿيلن ۾ بنگلاديشي شهري پڻ شامل هئا، جيڪي علاج لاءِ ڪولڪتا آيا هئا.
مقامي پوليس جو چوڻ آهي ته باهه مقامي وقت موجب رات تقريباً 2 لڳي 50 منٽن تي هوٽل جي عمارت جي ٻئي ماڙ تي لڳي، جنهن تي هڪ ڪلاڪ اندر ضابطو آندو ويو، جڏهن ته واقعي دوران تقريباً 30 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو.
اختيارين موجب شروعاتي طور خدشو آهي ته باهه بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب لڳي.