وائي فائي 8، جيڪو وائرليس انٽرنيٽ جو نئون نسل هوندو، اڃا مڪمل طور تي متعارف به نه ٿيو آهي، پر ان بابت ابتدائي تفصيل سامهون اچي رهيا آهن. ماهرن موجب وائي فائي 7 کان پوءِ ايندڙ هي ٽيڪنالاجي صرف رفتار وڌائڻ تي نه، پر وڌيڪ مستحڪم ۽ قابلِ اعتماد ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏيندي.
وائي فائي 8 ۾ نظرياتي ڊيٽا ريٽ تقريباً 46 جي بي پي ايس تائين برقرار رهڻ جو امڪان آهي، پر اصل بهتري روزمره استعمال ۾ نظر ايندي، جتي انٽرنيٽ وڌيڪ اسٽيبل ۽ گهٽ ڊسڪنيڪٽ ٿيندو. هي نئون اسٽينڊرڊ “الٽرا هاءِ رلي ايبلٽي” جي تصور تي ٻڌل هوندو، جنهن جو مطلب آهي ته ڪمزور سگنل يا مصروف نيٽ ورڪ ۾ به بهتر ڪارڪردگي ملندي.
هي ٽيڪنالاجي 2.4 GHz، 5 GHz ۽ 6 GHz بينڊز کي استعمال ڪندي، پر خاص ڳالهه اها آهي ته هڪ ئي وقت وڌيڪ ڊوائيسز کي بغير رڪاوٽ جي سپورٽ ڪري سگهندي. ان جو فائدو خاص طور تي انهن هنڌن تي ٿيندو جتي ڪيترائي موبائل، ليپ ٽاپ ۽ سمارٽ ڊوائيسز گڏ استعمال ٿين ٿا.
وائي فائي 8 سان گيمنگ، اسٽرمنگ ۽ آن لائن ڪم دوران “فريز” ٿيڻ يا ڪنيڪشن ٽٽڻ جهڙا مسئلا گهٽ ٿي ويندا. ان سان گڏ “ڊيڊ زونز” يعني اهي علائقا جتي سگنل نه پهچندو آهي، انهن ۾ به بهتر ڪوريج ملڻ جو امڪان آهي.
ماهرن موجب ان اسٽينڊرڊ کي 2027 تائين حتمي شڪل ڏني وڃي ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته عام استعمال لاءِ اهو 2028 کان دستياب ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سان وائرليس انٽرنيٽ جو تجربو وڌيڪ تيز نه پر وڌيڪ قابلِ اعتماد بڻجي ويندو.