ايف آءِ اي اميگريشن ملتان ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي عمري جي ويزا جي آڙ ۾ جنسي استحصال ۽ انساني اسمگلنگ جي مبينا ڪوشش ناڪام بڻائيندي عورت سميت 2 مسافرن کي گرفتار ڪري ورتو
ايف آءِ اي ترجمان موجب عمري جي ويزا تي سعودي عرب وڃڻ لاءِ پهتل ٻنهي مسافرن کي اميگريشن ڪليئرنس دوران شڪي حرڪتن تي روڪي پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنهن دوران مسافرن بابت ڪمرشل جنسي استحصال ۽ انساني اسمگلنگ سان لاڳاپيل اهم انڪشاف سامهون آيا.
ترجمان ٻڌايو ته مسافرن جي موبائل فونن، چيٽس ۽ ٻين ڊجيٽل مواد جي جاچ دوران ڪمرشل جنسي استحصال سان لاڳاپيل مبينا ثبوت سامهون آيا، جڏهن ته جاچ دوران جنسي استحصال جي منظم نيٽ ورڪ بابت اهم تفصيل پڻ حاصل ڪيا ويا.
ابتدائي جاچ موجب هڪ ايجنٽ عمري جي ويزا جي آڙ ۾ مسافرن کي سعودي عرب موڪلڻ جا انتظام ڪيا هئا، جڏهن ته مبينا طور تي مسافرن کي سعودي عرب ۾ ڪمرشل جنسي استحصال جو نشانو بڻائڻ جو منصوبو هو.
مسافرن جي استعمال هيٺ موبائل فون ۽ ٻيو لاڳاپيل مواد وڌيڪ جاچ لاءِ تحويل ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ٻنهي مسافرن کي موبائل فون ۽ ٻين شاهدن سان گڏ ايف آءِ اي اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ملتان حوالي ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب ڪمرشل جنسي استحصال ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوث ٻين عنصرن جي سڃاڻپ لاءِ جاچ جو دائرو وڌايو ويو آهي، جڏهن ته منظم نيٽ ورڪ ۾ ملوث سمورن عنصرن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.