پاڪستان جي نامياري هدايتڪار ابو عليحه، فهد مصطفىٰ کي فواد خان کان بهتر اداڪار قرار ڏئي ڇڏيو آهي
تازو هڪ پوڊڪاسٽ دوران جڏهن ابو عليحه کان ٻنهي اداڪارن جو مقابلو ڪرڻ بابت سوال ڪيو ويو ته هن فهد مصطفىٰ کي فواد خان تي ترجيح ڏني.
هن چيو ته فهد مصطفىٰ هڪ انتهائي باصلاحيت اداڪار آهي، جيڪو رومانس، ايڪشن ۽ ڪاميڊي سميت هر قسم جي ڪردار ۾ شاندار اداڪاري ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ابو عليحه موجب، فهد مصطفىٰ نه رڳو ڪمرشل فلمن ۾ بهترين ڪم ڪري رهيو آهي، پر جيڪڏهن هو آرٽ هائوس سئنيما ۾ به ڪم ڪري ته اتي به پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪندو.
هدايتڪار جو اهو وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهيو آهي، جتي صارفين ان تي مختلف رايا ۽ تبصرا ڪري رهيا آهن.