ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
ڀارتي عدالت سلمان خان ۽ سندس ڀيڻ الويرا خان کي طلب ڪري ورتو، سبب سامهون اچي ويو

ڀارتي عدالت سلمان خان ۽ سندس ڀيڻ الويرا خان کي طلب ڪري ورتو، سبب سامهون اچي ويو


چنڊي ڳڙهه جي مقامي عدالت اداڪار سلمان خان، سندس ڀيڻ الويرا خان اگني هوٽري ۽ اسٽائل اينڊ ڪنٽينٽ جيولري پرائيويٽ لميٽيڊ جي ڊائريڪٽرن کي مبينا ٺڳيءَ واري ڪيس ۾ طلب ڪري ورتو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب عدالت سڀني جوابدارن کي 5 آڪٽوبر تي پيش ٿي الزامن بابت پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب هي ڪيس چنڊي ڳڙهه جي واپاري ارون گپتا جي درخواست تي داخل ڪيو ويو، جنهن جو چوڻ آهي ته کيس "Being Human" جيولري شوروم کولڻ لاءِ ڪوڙا واعدا ڪري راضي ڪيو ويو، جنهن سبب کيس ڪيترن ئي ڪروڙ رپين جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

درخواست موجب ارون گپتا شوروم قائم ڪرڻ لاءِ لڳ ڀڳ 3 ڪروڙ رپيا سيڙپڪاري ڪئي، جن مان 1 ڪروڙ رپيا صرف شوروم جي تعمير ۽ تياري تي خرچ ٿيا.

شڪايت ۾ چيو ويو آهي ته شوروم کلڻ کان پوءِ ڪمپني واعدي موجب ڪاروباري سهڪار فراهم نه ڪيو، جڏهن ته فيبروري 2020 کان جيولري فراهم ڪندڙ اسٽور بند ٿيڻ سبب ڪاروبار سخت متاثر ٿيو.

درخواست ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ڪمپني سان لاڳاپيل 6 ڄڻن غلط ڄاڻ ڏئي سيڙپڪاري ڪرائي.

ٻئي پاسي ڪمپني اڳ ئي انهن الزامن جي ترديد ڪري چڪي آهي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته 2018 واري معاهدي ۾ سلمان خان جو سڌو سنئون ڪو به ڪردار نه هو، جڏهن ته سلمان خان فائونڊيشن 2015 ۾ صرف "Being Human" برانڊ جو لائسنس ڏنو هو، جڏهن ته جيولري جي ڪاروبار جي سموري ذميواري ڪمپني تي هئي.

ڀارتي ميڊيا موجب هن ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تي ٿيندي.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏا…
17 Aug 2026
دنيا جي جنگين سبب تيمور ۽ جي خوفزده آهن: سيف علي خان جو انڪشاف
دنيا جي جنگين سبب تيمور ۽ جي خوفزده آهن: سيف علي خ…
17 Aug 2026
عائزه خان ۽ دانش تيمور وچ ۾ عليحدگي جون افواهون، اداڪاره ردعمل ڏئي ڇڏيو
عائزه خان ۽ دانش تيمور وچ ۾ عليحدگي جون افواهون، ا…
18 Aug 2026
شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا
شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا
19 Aug 2026
بالي ووڊ اداڪار ڪارتيڪ آريان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي، اسپتال منتقل
بالي ووڊ اداڪار ڪارتيڪ آريان فلم جي شوٽنگ دوران زخ…
19 Aug 2026
عائزه سان علحدگيءَ جي خبرن تي دانش تيمور نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي
عائزه سان علحدگيءَ جي خبرن تي دانش تيمور نيٺ خاموش…
20 Aug 2026
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي پائلٽ سان منهنجي مڱڻي ٿي هئي: فريال گوهر جو انڪشاف
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي پائلٽ سان منهنجي مڱڻي …
20 Aug 2026
ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز نه ملڻ جو سبب سامهون اچي ويو
ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز نه ملڻ جو سبب…
21 Aug 2026
ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل جون افواهون، خانداني ذريعن معاملو واضح ڪري ڇڏيو
ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل جون افواهون، خانداني ذريعن …
22 Aug 2026
نيمل خاور وزن بابت ڳالهائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو
نيمل خاور وزن بابت ڳالهائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏي…
24 Aug 2026