ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
رام گوپال ورما ۽ ارميلا خفيه شادي ڪئي هئي؟ ڀارتي صحافي جو حيران ڪندڙ دعويٰ

رام گوپال ورما ۽ ارميلا خفيه شادي ڪئي هئي؟ ڀارتي صحافي جو حيران ڪندڙ دعويٰ


مشهور ڀارتي فلم ساز رام گوپال ورما ۽ اداڪارا ارميلا ماتونڊڪر جي وچ ۾ 90ع واري ڏهاڪي ۾ ڊيٽنگ جون افواهون هيون، ۽ هاڻي ٻئي هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ اچي ويا آهن.

ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هڪ سينيئر ڀارتي صحافي دعويٰ ڪئي آهي ته هن جوڙي مبينا طور پنهنجي لاڳاپن دوران ڳجهي شادي ڪئي هئي.

هڪ يوٽيوب چينل تي ڳالهائيندي بالي ووڊ جي سينيئر صحافي جيوتي وينڪٽيش ٻڌايو ته اها ڄاڻ کيس چرنجيوي کان ان وقت ملي جڏهن هو فلم جينٽلمين جي سيٽ تي اداڪار سان مليو.

جيوتي موجب چرنجيوي مون کي چيو ته جيوتي، هڪ صحافي طور تون هر ڳالهه بابت لکندو آهين، پوءِ تون رام گوپال ورما ۽ ارميلا جي شادي بابت ڇو نه لکيو؟

صحافي ٻڌايو ته جڏهن هن دعويٰ جي ثبوت بابت پڇيو ته اداڪار انڪشاف ڪيو ته اها شادي آندھرا پرديش جي هڪ مندر ۾ ٿي هئي ۽ هن ان پجاري جو فون نمبر پڻ ڏنو جنهن اها رسم ادا ڪرائي هئي.

تنهن هوندي به خبر شايع ڪرڻ کان اڳ وينڪٽيش شادي جي تصديق لاءِ ارميلا کي فون ڪيو.

هن دعويٰ ڪئي ته ارميلا روئڻ لڳي ۽ چيائين ته توهان منهنجي باري ۾ اهڙي طرح ڪيئن لکي سگهو ٿا، توهان مون کي ان وقت کان سڃاڻو ٿا جڏهن مون انڊسٽري ۾ قدم رکيو هو.

صحافي ٻڌايو ته هن رام گوپال ورما سان به موقف لاءِ رابطو ڪيو، پر فلم ساز تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

جيوتي وينڪٽيش رام گوپال ورما ۽ ارميلا ماتونڊڪر جي مبينا عليحدگي جي سبب بابت پڻ ڳالهايو.

سندس موجب ارميلا، رام گوپال ورما سان قانوني طور شادي ڪرڻ چاهيندي هئي، پر هو ان وقت اهو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه هو، جيڪو آخرڪار سندن عليحدگي جو سبب بڻيو.

هن مبينا جوڙي گڏجي ڪيترين ئي فلمن ۾ ڪم ڪيو، جن ۾ رنگيلا، دوڙ، ستيا ۽ پيار تو نے ڪيا شامل آهن.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي
آمريڪي اداڪارا هيڊن پنيٽيئر 36 ورهين جي عمر ۾ لاڏا…
17 Aug 2026
دنيا جي جنگين سبب تيمور ۽ جي خوفزده آهن: سيف علي خان جو انڪشاف
دنيا جي جنگين سبب تيمور ۽ جي خوفزده آهن: سيف علي خ…
17 Aug 2026
عائزه خان ۽ دانش تيمور وچ ۾ عليحدگي جون افواهون، اداڪاره ردعمل ڏئي ڇڏيو
عائزه خان ۽ دانش تيمور وچ ۾ عليحدگي جون افواهون، ا…
18 Aug 2026
شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا
شاهه رخ خان جي گهر ’منت‘ مان نانگ نڪري آيا
19 Aug 2026
بالي ووڊ اداڪار ڪارتيڪ آريان فلم جي شوٽنگ دوران زخمي، اسپتال منتقل
بالي ووڊ اداڪار ڪارتيڪ آريان فلم جي شوٽنگ دوران زخ…
19 Aug 2026
عائزه سان علحدگيءَ جي خبرن تي دانش تيمور نيٺ خاموشي ٽوڙي ڇڏي
عائزه سان علحدگيءَ جي خبرن تي دانش تيمور نيٺ خاموش…
20 Aug 2026
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي پائلٽ سان منهنجي مڱڻي ٿي هئي: فريال گوهر جو انڪشاف
فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات جي پائلٽ سان منهنجي مڱڻي …
20 Aug 2026
ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز نه ملڻ جو سبب سامهون اچي ويو
ماهره خان ۽ فهد مصطفيٰ کي قومي اعزاز نه ملڻ جو سبب…
21 Aug 2026
ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل جون افواهون، خانداني ذريعن معاملو واضح ڪري ڇڏيو
ڪرينا ڪپور جي ٽئين حمل جون افواهون، خانداني ذريعن …
22 Aug 2026
نيمل خاور وزن بابت ڳالهائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏيو
نيمل خاور وزن بابت ڳالهائيندڙن کي سخت جواب ڏئي ڇڏي…
24 Aug 2026