ڀارتي ميڊيا موجب سومر ڏينهن اي آر امين ۽ ساڻس گڏ سفر ڪندڙ هڪ دوست ان وقت زخمي ٿيا، جڏهن سندن گاڏي هڪ ٽيڪسي سان ٽڪرائجي وئي۔
ٻنهي کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد کان پوءِ کين ڊسچارج ڪيو ويو ۽ هو گهر واپس هليا ويا۔
پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔
ڀارتي ميڊيا موجب حادثو تقريبن رات ساڍي 3 وڳي گنڊي واري علائقي ۾ اولمپيا ٽيڪ پارڪ ڀرسان پيش آيو۔ امين ۽ سندس دوست پنهنجي گاڏي ۾ گنڊي ڏانهن وڃي رهيا هئا ته سامهون کان ايندڙ هڪ ٽيڪسي سندن گاڏي سان ٽڪرائجي وئي۔
ٽيڪسي ۾ سوار مسافر کي پڻ معمولي زخمي ٿيا ۽ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي طبي امداد کان پوءِ کيس پڻ ڊسچارج ڪيو ويو۔