ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
ڀارتي خيالي دنيا ۾ رهي رهيا آهن، نامور ڀارتي تجزيه نگار آپريشن سندور جي ڊاڪيومينٽري تي هم وطنن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

ڀارتي خيالي دنيا ۾ رهي رهيا آهن، نامور ڀارتي تجزيه نگار آپريشن سندور جي ڊاڪيومينٽري تي هم وطنن کي آئينو ڏيکاري ڇڏيو

نامور ڀارتي دفاعي تجزيه نگار ۽ اڳوڻي ڀارتي فوجي پراوين سواهنِي آپريشن سندور جي حوالي سان ٺاهيل ڀارتي دستاويزي فلم جي حقيقت آشڪار ڪري ڇڏي. ڀارت تازو ئي مئي 2025 ۾ ٿيل نام نهاد آپريشن سندور بابت هڪ ڊاڪيومينٽري فلم جاري ڪئي، جنهن ۾ حقيقتن جي ابتڙ ڀارتي فوج جي برتري ڏيکاري وئي، جڏهن ته پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه آءِ ايس پي آر نام نهاد آپريشن سندور تي ڀارتي ڊاڪيومينٽري کي حقيقتن کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش قرار ڏيندي چيو ته ڀارت معرڪه حق ۾ شڪست تسليم ڪرڻ کان انڪاري آهي.

ان حوالي سان نامور ڀارتي دفاعي تجزيه نگار ۽ ليکڪ پراوين سواهنِي سوشل ميڊيا تي جاري بيان ۾ لکيو ته هو ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگين تي ٺهيل فلمون نٿو ڏسي، پر سوشل ميڊيا تي ان حوالي سان پوسٽون، تجزيا ۽ وڊيو ڪلپس ضرور ڏسي وٺندو آهي. هن چيو ته جيڪو شخص انهن جنگين کي سمجهي ٿو، اهو ڄاڻي ٿو ته اهڙيون سڀئي فلمون حقيقت کان پري، انتهائي هڪ طرفيون ۽ وڏين خامين سان ڀريل هونديون آهن.

پراوين سواهنِي وڌيڪ چيو ته هو اهو به ڄاڻي ٿو ته اهي فلمون ڇو ٺاهيون وڃن ٿيون: ڀارتي فوج کي پاڪستاني فوج کان برتر ڏيکارڻ، هائپر نيشنل ازم کي هٿي ڏيڻ ۽ اڻ سڌي طرح ڀارتي عوام کي اهو يقين ڏيارڻ لاءِ ته ڀارتي فوج احتساب کان مٿانهين آهي. ڀارتي دفاعي تجزيه نگار جو چوڻ هو ته گذريل 12 سالن کان گهڻا ڀارتي هڪ خيالي دنيا ۾ رهي رهيا آهن، ۽ جيڪي ماڻهو ان خيالي دنيا جو حصو ٿيڻ نٿا چاهين، انهن کي هاڻي ”ذهني نڪسل“ چيو وڃي ٿو. هن عوام کي اپيل ڪئي ته هو خواب غفلت مان جاڳن، ڇو ته وقت تيزي سان تبديل ٿي رهيو آهي ۽ حالتون 2029 کان اڳ وڏي تبديلي ڏانهن وڌي رهيون آهن.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026