ايران طرفان آمريڪي فوجين کي قتل يا گرفتار ڪري حوالي ڪندڙ ماڻهن لاءِ 30 هزار ڊالر انعام جو اعلان ڪيو ويو آهي. ايراني فوج جي سربراهه امير حاتمي چيو آهي ته جيڪڏهن اها ڪارروائي ڪنهن عورت طرفان ڪئي وئي ته انعام ٻيڻو ڏنو ويندو. دي نيوز انٽرنيشنل جي رپورٽ موجب امير حاتمي پنهنجي بيان ۾ چيو ته وڏي انگ ۾ ماڻهن جي درخواستن کانپوءِ اهو منصوبو تيار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ آهي ته آمريڪي فوجين کي گرفتار يا قتل ڪري ايراني اختيارين حوالي ڪندڙ شخص کي 30 هزار ڊالر يا 5 ارب ايراني تومان ڏنا ويندا. ايراني آرمي چيف هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کان وچ اوڀر مان نڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. امير حاتمي چيو ته آمريڪي فوج کي خليج فارس، خليج عمان يا آبنائي هرمز ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ناهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب ايران ۾ آمريڪي زميني فوج جي ڪنهن باقاعده مقرري جي اطلاع ناهي، جڏهن ته اپريل ۾ هڪ آمريڪي جهاز ڪرڻ کانپوءِ امدادي ڪارروائي لاءِ آمريڪي اهلڪار ايران ۾ داخل ٿيا هئا.