ايران کرد وزيراعظم مسرور بارزاني جي آفيس تي ڊرون حملي کي ’فالس فليگ آپريشن‘ قرار ڏئي ڇڏيو. ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي عراق جي کردستان علائقي جي وزيراعظم جي آفيس تي ڊرون حملي کي فالس فليگ آپريشن قرار ڏيندي چيو ته وزيراعظم بارزاني جي آفيس تي حملي جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي. ايراني پرڏيهي وزير عراقي هم منصب سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي پڻ واضح ڪيو ته حملي جي ايراني سرزمين تان ٿيڻ جو ڪو ثبوت موجود ناهي. هن کرد دوستن کي خبردار ڪندي چيو ته فالس فليگ آپريشن ذريعي پاڙيسري ملڪن وچ ۾ نفرت جا ٻج پوکڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. عباس عراقچي چيو ته ايران کرد دوستن کي صدام ۽ داعش کان محفوظ رکيو ۽ ايران ان ڳالهه جو شڪرگذار آهي ته کرد ايران جي سرحد تي سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته عراق جي کردستان علائقي جي وزيراعظم مسرور بارزاني ۽ انٽيليجنس چيف جي گهر تي سومر ڏينهن ڊرون حملا ڪيا ويا هئا، جڏهن ته خوش قسمتي سان ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. حملي جي ذميواري اڃا تائين ڪنهن به گروپ قبول ناهي ڪئي.