ايران آبنائے هرمز کولڻ لاءِ آمريڪا کي مطالبن جي فهرست ڏئي ڇڏي آهي
آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين موجب اها فهرست ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر ۽ مرڪزي ڳالهين ڪندڙ محمد باقر قاليباف آمريڪا حوالي ڪئي آهي.
ان سان گڏ باقر قاليباف آمريڪا کان ”اسلام آباد مفاهمتي يادداشت“ جي نڪتن تي مڪمل عملدرآمد جو مطالبو پڻ ڪيو، جنهن جي مدي جو ڪالهه خاتمو ٿي چڪو آهي.
مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا ۽ ايران لبنان سميت هر محاذ تي فوجي ڪارروايون روڪڻ تي راضي ٿيا هئا، جڏهن ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل يا تيار ڪرڻ جي حق تان دستبردار ٿيڻ تي به اتفاق ڪيو هو.
مفاهمتي يادداشت موجب آمريڪا ايراني سامونڊي ناڪابندي ختم ڪرڻ، جڏهن ته ايران آبنائے هرمز کليل رکڻ تي اتفاق ڪيو هو.
مفاهمتي يادداشت تحت آمريڪا ايران تي لاڳو اقتصادي پابنديون ختم ڪرڻ ۽ ايران جي تعمير نو جو منصوبو شروع ڪرڻ تي به رضامندي ظاهر ڪئي هئي. آمريڪا ايران جا منجمد فنڊ بحال ڪرڻ تي پڻ راضي ٿيو هو.