ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
17 اپریل 2026
اسرائيل جو ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ايران جي اهم پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي وڏو حملو

اسرائيل جو ڊيڊ لائين ختم ٿيڻ کان اڳ ئي ايران جي اهم پيٽروڪيميڪل پلانٽ تي وڏو حملو

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي بچاءَ واري وزير اسرائيل ڪاتز چيو آهي ته اسرائيلي فوج ايران جي هڪ وڏي پيٽروڪيميڪل پلانٽ کي نشانو بڻايو آهي.

جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي بچاءَ واري وزير چيو ته فوج کي هدايت ڏني وئي آهي ته ايران جي انفرااسٽرڪچر تي پوري طاقت سان حملا جاري رکيا وڃن.

هن چيو ته اسرائيلي فوج اساليه ۾ ايران جي اهم پيٽروڪيميڪل ڍانچي تي وڏو حملو ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته گذريل هفتي به هڪ ٻي پلانٽ تي حملو ڪيو ويو هو.

اسرائيل ڪاتز وڌيڪ چيو آهي ته ”هاڻي اهي ٻئي پلانٽ، جيڪي گڏجي ايران جي لڳ ڀڳ 85 سيڪڙو پيٽروڪيميڪل برآمدات جون ذميوار هيون، سروس کان ٻاهر ٿي ويون آهن ۽ ڪم نه پيون ڪن.“

اسرائيل ڪاتز موجب، اساليه ۾ موجود اهو پلانٽ ملڪ جي اٽڪل اڌ پيٽروڪيميڪل پيداوار جو ذريعو هو.

ٻئي پاسي ايراني خابرو اداري تسنيم به رپورٽ ڪيو آهي ته ٻن پيٽروڪيميڪل ڪمپنين تي حملو ڪيو ويو آهي.

بوشهر جي نائب گورنر موجب حملن کانپوءِ نقصان جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ جو عمل جاري آهي.

ايراني ميڊيا موجب، ڪيترن ئي پيداواري يونٽن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪنهن جاني نقصان جي اطلاع ناهن مليا.



ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ۽ چين تي ٽيرف جي ڌمڪي، بيجنگ جو سخت ردعمل اچي ويو
ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي ۽ چين تي ٽيرف جي ڌمڪي،…
15 Apr 2026
آمريڪا بدنيتي ڪئي، تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري ترجيحي رستو آهي: ايراني صدر
آمريڪا بدنيتي ڪئي، تڪرار جي حل لاءِ سفارتڪاري ترجي…
15 Apr 2026
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 270 ارب ڊالر نقصان، ايران نار ملڪن کان به هرجاڻو گهري ورتو
آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 270 ارب ڊالر نقصان، ايران…
15 Apr 2026
ٽرمپ پاران فيلڊ مارشل جي تعريف، ڳالهين لاءِ ٻيهر پاڪستان اچڻ جو اشارو
ٽرمپ پاران فيلڊ مارشل جي تعريف، ڳالهين لاءِ ٻيهر پ…
15 Apr 2026
مس يونيورس پاڪستان روما رياض ڪانز ۾ ملڪ جي نمائندگي ڪندي
مس يونيورس پاڪستان روما رياض ڪانز ۾ ملڪ جي نمائندگ…
15 Apr 2026
سعودي حڪومت بنا اجازت حج ڪرڻ تي سخت سزائن جو اعلان ڪري ڇڏيو
سعودي حڪومت بنا اجازت حج ڪرڻ تي سخت سزائن جو اعلان…
16 Apr 2026
سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ايندڙ هفتي تائين ملي ويندا: محمد اورنگزيب
سعودي عرب کان 3 ارب ڊالر ايندڙ هفتي تائين ملي ويند…
16 Apr 2026
آمريڪي ناڪابندي باوجود چيني ۽ ايراني جهاز آبناءِ هرمز مان گذري ويا
آمريڪي ناڪابندي باوجود چيني ۽ ايراني جهاز آبناءِ ه…
16 Apr 2026
ايران سان جنگ ختم ٿيڻ واري آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
ايران سان جنگ ختم ٿيڻ واري آهي: ڊونلڊ ٽرمپ
16 Apr 2026
ٽيڪس جو پيسو قوم جي امانت ۽ ان جي حفاظت ان جو فرض آهي: وزيراعظم
ٽيڪس جو پيسو قوم جي امانت ۽ ان جي حفاظت ان جو فرض …
16 Apr 2026