ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
اسان جي فوج کي غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهن کي قتل ڪرڻ گهرجي: اسرائيلي قومي سلامتي وارو صلاحڪار

اسان جي فوج کي غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهن کي قتل ڪرڻ گهرجي: اسرائيلي قومي سلامتي وارو صلاحڪار

اسرائيل جي قومي سلامتي واري صلاحڪار اتمار بن گوير جو چوڻ آهي ته اسرائيلي فوج کي غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهن کي قتل ڪرڻ گهرجي. اسرائيل جي انتهائي ساڄي ڌر سان تعلق رکندڙ قومي سلامتي واري وزير اتمار بن گوير هڪ انٽرويو ۾ غزه جي ماڻهن بابت اشتعال انگيز بيان ڏيندي چيو ته اسرائيلي فوج کي غزه ۾ هر رات 30 کان 40 ماڻهن کي قتل ڪرڻ گهرجي. اتمار بن گوير چيو ته اسرائيلي فوج کي اها ڪارروائي صرف انهن ماڻهن تائين محدود نه رکڻ گهرجي، جيڪي خطرو بڻجن ٿا. اسرائيلي وزير جو چوڻ هو ته غزه ۾ ڪجهه اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي زنده رهڻ جي قابل ناهن، انهن ماڻهن کي زنده نه رهڻ گهرجي، اهي انسان ئي ناهن. اسرائيلي وزير جي اشتعال انگيز بيان تي ردعمل ڏيندي ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي چيو ته اسرائيلي قومي سلامتي واري وزير غزه ۾ قتلِ عام لاءِ روزانو 30 کان 40 ماڻهن جي حد مقرر ڪري ڇڏي آهي. ايراني نائب پرڏيهي وزير چيو ته صهيوني مجرم هڪ ئي وقت فلسطيني ماڻهن جي بي دخلي ۽ يهودي آبادين جي تعمير جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، انهن اعترافن کي ثبوت طور محفوظ ۽ رڪارڊ ۾ رکڻ گهرجي ته جيئن انهن کي اسرائيلي مجرمن جي احتساب ۽ مقدمي جي وقت پيش ڪري سگهجي.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026