بالي ووڊ اداڪارا ۽ رڪن پارليامينٽ ڪنگنا رناوت ڀارت جي جين زي جنريشن کي "گٽر جنريشن" قرار ڏئي ڇڏيو.
تازو شاگرد تنظيم ڪاڪروچ جنتا پارٽي (سي جي پي) طرفان نئين دهلي ۾ پيپر ليڪ واري معاملي تي سخت احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران شاگردن تي پوليس طرفان لاٺي چارج ۽ آنسو گيس جي شيلنگ پڻ ڪئي وئي، جڏهن ته تنظيم جي سخت احتجاج سبب ڀارت جي تعليم واري وزير کي استعيفيٰ ڏيڻي پئي.
ان حوالي سان اداڪارا ڪنگنا احتجاج دوران استعمال ٿيندڙ ٻولي، پلي ڪارڊن ۽ سوشل ميڊيا ريلز تي سخت تنقيد ڪئي.
ڪنگنا انسٽاگرام اسٽوري تي لکيو ته "مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به هڪ ئي هنڌ ايتري بدصورتي ناهي ڏٺي، جنريشن زي (Gen Z) جي مظاهرن جون اهي ريلز ڏسي متلي ٿيندي آهي، انهن جي ڳالهائڻ جو انداز ۽ جنهن قسم جي ٻولي هو استعمال ڪري رهيا آهن، مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪنهن وڊيو کي هڪ ئي وقت ايترو ناپسنديده ۽ ايترو ڀونڊو ناهي ڏٺو."
ان کانپوءِ بي جي پي جي رڪن پارليامينٽ مظاهرين جي تربيت تي سوال اٿاريندي چيو ته "آخر انهن کي جنم ڪير ڏئي رهيو آهي ۽ انهن جي پرورش ڪير ڪري رهيو آهي؟"
هن اهو به لکيو ته "ڀارت خوبصورت ماڻهن جو مسڪن آهي، توهان پاڻ کي ڪاڪروچ چوندا آهيو ۽ ڏسڻ يا برتاءُ ۾ به بلڪل اهڙا ئي آهيو، ان ۾ ڪو تضاد يا انوکو مقابلو ناهي، پر اهو رڳو دنيا کي پنهنجي گندگي، ڪچري ۽ بدصورتي سان منهن ڏيارڻ آهي. انهن وڊيوز کي ڏسي مان سخت ذهني تڪليف جو شڪار ٿي آهيان، هاڻي مون کي ڪجهه سڪون ۽ 'ڊيجيٽل ڊيٽوڪس' (يعني ڊجيٽل دنيا کان دوري) جي ضرورت آهي."
ڪنگنا وڌيڪ لکيو ته "مان انهن کي 'جنريشن گٽر' (Generation Gutter) سڏيان ٿي، انهن مان ڪجهه وٽ نظام کي ڏيڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، اهي پڙهائي ۾ سٺا ناهن، اهي ايترا بدصورت ۽ بدڪردار آهن جو گهر سنڀالڻ جي به قابل ناهن."