بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا مادھوري ڊڪشٽ 24 سالن کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ٽيليويزن تي ميزبان طور نظر ايندي
ڀارتي ميڊيا موجب مادھوري ڊڪشٽ جلد ايندڙ ڪوئز شو ’ڪون هونار ڪروڙپتي‘ (Kon Honar Crorepati) جي ميزباني ڪندي.
هي شو اميتابھ بچن جي ميزباني ۾ هلندڙ مشهور ڪوئز شو ’ڪون بنيگا ڪروڙپتي‘ جو مراٺي ورزن آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب شو جي انتظاميا طرفان اڱاري ڏينهن ان جو پهريون پرومو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ اداڪارا روايتي مهاراشٽرين انداز ۾ نظر آئي.
پرومو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته مادھوري سائي ۽ سنهري ساڙهي پهريل آهي، جنهن سان گڏ هن روايتي سون جا زيور ۽ مهاراشٽرين انداز جي نٿ پڻ پاتي آهي.
بالي ووڊ اداڪارا مراٺي ٻولي ۾ شو جو تعارف ڪرائيندي چيو ته جيڪو اڳ ڪڏهن ناهي ٿيو، اهو هاڻي ٿيڻ وارو آهي، سڄي مهاراشٽرا جي گهرن ۾ ڳالهه ٻولهه جو هڪ نئون سلسلو شروع ٿيندو، ڇو ته هاڻي راند بدلجڻ واري آهي، مان توهان لاءِ ’ڪون هونار ڪروڙپتي‘ کڻي اچي رهي آهيان ۽ اهو جلد اچي رهيو آهي.
ان کان علاوه مادھوري هي پرومو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي پڻ شيئر ڪيو، جنهن جي ڪيپشن ۾ اداڪارا لکيو ته مان هن سفر جي شروعات ڪرڻ ۽ توهان لاءِ اهڙو گيم شو پيش ڪرڻ لاءِ پرجوش آهيان، جيڪو هميشه علم، خوابن ۽ امڪانن جي چوڌاري گهمندو رهيو آهي.