جاپان سان تعلق رکندڙ انفلوئنسر مينا چن لائيو اسٽريمنگ دوران پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب ڏکڻ ڪوريا ۾ رهندڙ مشهور جاپاني انفلوئنسر مينا چن پنهنجي 26هين سالگرهه کان ڪجهه ڏينهن اڳ ٽڪ ٽاڪ لائيو اسٽريمنگ دوران پنهنجي جان وٺي ڇڏي.
مينا چن پاپ (K-pop) گروپ ’اين هائپن‘ جي مداح هئي، جنهن جا ٽڪ ٽاڪ تي 3 لک ۽ انسٽاگرام تي هڪ لک 50 هزار کان وڌيڪ فالوورز هئا.
مينا چن انسٽاگرام تي لائف اسٽائل، فيشن ۽ کاسميٽڪس بابت مختلف وڊيوز ٺاهي شيئر ڪندي هئي.
انفلوئنسر جي موت جي تصديق سندس خاندان طرفان مينا چن جي انسٽاگرام اسٽوري ذريعي ڪئي وئي.
خاندان ٻڌايو ته سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد سبب هوءَ شديد ذهني اذيت جو شڪار هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته سوشل ميڊيا انفلوئنسر جي موت بابت سمورن پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.