ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
10 جولائی 2026
ميٽا فيس بڪ ۾ وڏيون تبديليون متعارف ڪرائي ڇڏيون

ميٽا فيس بڪ ۾ وڏيون تبديليون متعارف ڪرائي ڇڏيون

ميٽا آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي ميدان ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ ۽ صارفين جي انگيجمينٽ وڌائڻ لاءِ فيس بڪ ۾ اهم تبديليون متعارف ڪرائي ڇڏيون آهن. ڪمپني پنهنجي هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ڪيترن ئي نون AI فيچرز جو اعلان ڪيو آهي، جيڪي صارفين جي سرچ، مواد تيار ڪرڻ ۽ ٻين ماڻهن سان رابطي جي انداز کي تبديل ڪندا.

انهن نون فيچرز مان سڀ کان اهم "AI موڊ" آهي، جيڪو فيس بڪ تي سرچ ڪرڻ جو طريقو مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيندو. هن فيچر تحت ميٽا AI فيس بڪ جي پبلڪ پوسٽن مان معلومات گڏ ڪري صارفين جي سوالن جا جواب فراهم ڪندو. هاڻي صارفين کي مختلف سرچ رزلٽس ۾ اسڪرول ڪرڻ بدران سادي ٻولي ۾ سوال پڇڻو پوندو ۽ AI کين لاڳاپيل جواب پيش ڪندو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته هن فيچر سان معلومات تائين رسائي وڌيڪ تيز ۽ آسان ٿي ويندي، جڏهن ته اهو ڏسڻو پوندو ته AI پاران مهيا ڪيل جواب ڪيتري حد تائين درست ۽ قابل اعتماد هوندا، ڇاڪاڻ ته اهي عام صارفين جي پوسٽن جي بنياد تي تيار ڪيا ويندا.

ان کان علاوه، ميٽا فيس بڪ لاءِ نوان وڊيو ايڊيٽنگ ٽولز پڻ متعارف ڪرايا آهن، جن سان صارف پنهنجي وڊيوز کي وڌيڪ پروفيشنل ۽ پرڪشش بڻائي سگهندا. هڪ ٻيو دلچسپ فيچر AI تي ٻڌل فوٽو پري سيٽس آهي، جنهن ذريعي صارف پاڻ کي مختلف لباسن، هيئر اسٽائلز ۽ ٻين اندازن ۾ ڏسي سگهندا.

واضح رهي ته گذريل ڪجهه مهينن دوران به فيس بڪ ۾ ڪيترائي AI فيچرز شامل ڪيا ويا آهن. مثال طور فيبروري 2026ع ۾ اينيميٽيڊ پروفائل فوٽوز جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو، جنهن جي مدد سان جامد تصويرن کي متحرڪ بڻائي سگهجي ٿو.

ميٽا جو چوڻ آهي ته AI تي ٻڌل اهي نيون سهولتون فيس بڪ کي وڌيڪ جديد، سمارٽ ۽ صارف دوست بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون.


ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد پرائيويسي فيچر متعارف
فون نمبر بدران يوزر نيم! واٽس ايپ جو نئون ۽ منفرد …
30 Jun 2026
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ لائق بڻائڻ واري ٽيڪنالاجي تيار ڪري ورتي
چيني سائنسدانن بجلي کان سواءِ سامونڊي پاڻي کي پيئڻ…
01 Jul 2026
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو
گوگل اڳ کان وڌيڪ تيز ۽ سستو نينو بنانا 2 لائيٽ متع…
01 Jul 2026
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي ڏنڊ لاڳو ٿيندا
امارات: ٻارن جي رسائي نه روڪڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ ف…
02 Jul 2026
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ جاري: پي ٽي اي
سب ميرين ڪيبل جي خرابي دور، انٽرنيٽ سروس بنا رڪاوٽ…
03 Jul 2026
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعارف
يوٽيوب شارٽس ۾ صارفين لاءِ ڪيترائي نوان فيچرز متعا…
03 Jul 2026
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا تائين معمو حل نه ڪري سگهيا
انٽارڪٽيڪا جو سون اگليندڙ آتش فشان، سائنسدان اڃا ت…
04 Jul 2026
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي، نئين تحقيق ۾ اهم انڪشاف
فضائي آلودگي مردن ۾ بانجھپڻ جو خطرو وڌائي سگهي ٿي،…
07 Jul 2026
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني مان فائدو ڪيئن وٺندي؟
اڄ زمين جي 99 سيڪڙو آبادي هڪ ئي وقت سج جي روشني ما…
08 Jul 2026
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيمي اڪائونٽس ڊليٽ ڪري ڇڏيا
جاپاني شاگرد چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان 46 هزار اينيم…
09 Jul 2026