ممبئي: بالي ووڊ جي اداڪاره ڪيرتي سينن پنهنجي شادي بابت سوال تي ميڊيا مٿان ڏمرجي پئي، ڪريتي سينن تازو برطانوي ڪاروباري شخصيت ڪبير ڀايا سان ڊيٽنگ جي حوالي سان خبرن ۾ رهندي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب تازو هڪ اينڪر اداڪاره سان سندس ڀيڻ جي شادي بابت ڳالهايو، جنهن تي ڪريتي سينن مٿس ٿوري ڪاوڙيل نظر آئي، هن طنزيه انداز ۾ چيو ته “ڇا توهان مون کان پڇي رهيا آهيو، آئون ڪڏهن شادي ڪري رهي آهيان؟” هن “منهنجي شادي منهنجي مرضي” جو جملو ورجائيندي چيو ته زندگي ۾ شادي کان وڌيڪ ڪجهه آهي، هن وڌيڪ چيو ته في الحال شادي ڪرڻ جي جلدي ناهي، مون کي خبر ناهي ته آئون ڪڏهن شادي ڪنديس؟ جڏهن به صحيح وقت ايندو، آئون شادي ڪنديس،