ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
هاڻي خليج فارس ۾ هڪ به آمريڪي جنگي جهاز موجود ناهي، ايراني پاسداران انقلاب جو دعويٰ

هاڻي خليج فارس ۾ هڪ به آمريڪي جنگي جهاز موجود ناهي، ايراني پاسداران انقلاب جو دعويٰ

ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان بريگيڊيئر جنرل حسين محبي دعويٰ ڪئي آهي ته رمضان ۾ ايران تي مڙهيل جنگ کانپوءِ هاڻي خليج فارس ۾ هڪ به آمريڪي جنگي جهاز موجود ناهي

پنهنجي بيان ۾ بريگيڊيئر جنرل حسين محبي چيو ته ايران تي مڙهيل جنگ دوران خليج فارس ۾ آمريڪا جا 30 کان 40 جنگي جهاز موجود هئا، جڏهن ته ماضي ۾ ٿيل ايران عراق جنگ دوران آمريڪا خليج فارس ۾ 100 کان وڌيڪ جنگي جهاز آندا هئا، تنهن هوندي به هن وقت خليج فارس ۾ آمريڪا جو هڪ به جهاز موجود ناهي.

جنرل محبي چيو ته جنگ دوران ايران جي ردعمل سبب دشمن کي نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

پاسداران انقلاب جي ترجمان چيو ته آمريڪا ايران جي سائوٿ پارس گيس فيلڊ ۽ اسالويه انرجي حب تي بمباري ڪئي هئي، جنهن جو جواب آمريڪا، اسرائيل ۽ انهن جي اتحادين تي اهڙن حملن سان ڏنو ويو، جو آمريڪا لاءِ اها جنگ ساڳئي طاقت سان جاري رکڻ ڏکيو ٿي ويو.

ترجمان ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ايران کي ٻيهر خطرن کي منهن ڏيڻو پيو ته خطي ۾ سمورن آمريڪي ۽ غير آمريڪي توانائي نظامن ۽ انٽرنيٽ سان ڳنڍيل عالمي انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ويندو.

تنهن هوندي به پاسداران انقلاب ايران جي ناڪابندي ڪندڙ آمريڪي جنگي جهازن بابت وڌيڪ تفصيل فراهم نه ڪيا.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026