لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قومي ڪرڪيٽرن کي پرڏيهي ليگز کيڏڻ لاءِ اين او سي جاري ڪري ڇڏيا آهن
پي سي بي پاران حسن نواز، حنين شاهه، نسيم شاهه ۽ عثمان خان کي سي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪيا ويا آهن. ان کان علاوه معاذ صداقت، صاحبزاده فرحان، سفين مقيم ۽ شاداب خان کي پڻ سي پي ايل لاءِ اجازت ناما جاري ڪيا ويا آهن. ڪرڪيٽرن کي 19 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين اين او سي جاري ڪيا ويا آهن.
اسپنر نعمان علي کي 27 سيپٽمبر تائين لنڪاشائر ڪائونٽي لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر محمد حارث کي 7 آگسٽ کان 20 سيپٽمبر تائين سي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ٿيو آهي.
مسٽري اسپنر عثمان طارق کي 8 آگسٽ کان 18 سيپٽمبر تائين سي پي ايل کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، جڏهن ته اسامه مير کي 7 آگسٽ کان 21 سيپٽمبر تائين سي پي ايل لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو آهي.