ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
آبنائے هرمز مان تيل جي فراهمي روزانو 90 لک بيرل جي ويجهو پهچي وئي، آمريڪي توانائي واري وزير جي دعويٰ

آبنائے هرمز مان تيل جي فراهمي روزانو 90 لک بيرل جي ويجهو پهچي وئي، آمريڪي توانائي واري وزير جي دعويٰ

آمريڪي توانائي واري وزير دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائے هرمز مان تيل جي فراهمي روزانو 90 لک بيرل جي ويجهو پهچي وئي آهي

آمريڪي توانائي واري وزير ڪرس رائٽ دعويٰ ڪئي آهي ته آبنائے هرمز ذريعي تيل جي فراهمي سراسري طور تقريبن روزانو 90 لک بيرل تائين پهچي وئي آهي. اها اڳڀرائي آمريڪي فوج ۽ خليجي اتحادي ملڪن جي گڏيل ڪوششن سبب ممڪن ٿي آهي.

ڪرس رائٽ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته وڌيڪ 50 کان 70 لک بيرل روزانو تيل جديد پائپ لائنن ۽ برآمدي سهولتن ذريعي خطي کان ٻاهر موڪليو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ خطي مان تيل جي مجموعي فراهمي تقريبن ڏيڍ ڪروڙ بيرل روزانو بڻجي ٿي.

آمريڪي توانائي واري وزير موجب صرف آچر جي ڏينهن خليجي خطي مان 2 ڪروڙ کان وڌيڪ بيرل تيل برآمد ڪيو ويو، جيڪو تڪرار کان اڳ واري سراسري مقدار کان به وڌيڪ آهي.

ان کان اڳ ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل ايراني شرطن کي تسليم ڪرڻ تائين آبنائے هرمز بند رکڻ جو اعلان ڪيو هو.

ايراني سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي سيڪريٽري محسن رضائي هڪ بيان ۾ چيو ته آبنائے هرمز ان وقت تائين بند رهندي، جيستائين آمريڪا پنهنجو رويو تبديل نه ڪري.




ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026