ڪرڪيٽ آسٽريليا پنهنجي رانديگرن کي پرڏيهي ليگز بدران پنهنجي ليگز کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي
ميڊيا رپورٽن موجب مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ جو سائوٿ آفريڪا ٽي ٽوئنٽي ليگ لاءِ معاهدو ٿيو آهي.
ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ کي بي بي ايل جي ڪمٽمينٽ مڪمل ٿيڻ تي رليز ڪيو ويندو، جڏهن ته مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ بي بي ايل جي مڪمل ايڊيشن لاءِ دستياب هوندا.
ٻئي طرف آسٽريلوي ٽي ٽوئنٽي ڪپتان مچل مارش ۽ ميٽ شارٽ پهريون ڀيرو سائوٿ آفريڪا ليگ ۾ کيڏندا.
ياد رهي ته ايس اي ٽي ٽوئنٽي 17 جنوري کان شروع ٿيندي، جڏهن ته بي بي ايل 12 ڊسمبر کان 26 جنوري تائين کيڏي ويندي.