ميزنائن فلور، ويسٽ پوائنٽ ٽاور، فیز ٦–٩
03 اکتوبر 2026
پاڪستان سميت 8 مسلمان ملڪن جو ٽرمپ جي غزه جامع منصوبي کي رد ڪرڻ واري اسرائيلي اعلان تي سخت ردعمل

پاڪستان سميت 8 مسلمان ملڪن جو ٽرمپ جي غزه جامع منصوبي کي رد ڪرڻ واري اسرائيلي اعلان تي سخت ردعمل

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي غزه بابت جامع منصوبي ۽ فلسطيني رياست کي رد ڪرڻ واري اسرائيلي اعلان تي پاڪستان سميت 8 اسلامي ملڪن سخت ردعمل جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل بيان ۾ 8 مسلمان ملڪن اسرائيل جي موقف کي غزه ۾ جنگ جي خاتمي ۽ پائيدار امن جي ڪوششن ۾ سڌي رڪاوٽ قرار ڏنو آهي. پاڪستان، مصر، ترڪي، انڊونيشيا، اردن، قطر، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي پرڏيهي وزيرن گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيل طرفان ٽرمپ جي غزه جامع منصوبي جي روڊ ميپ کي رد ڪرڻ، منصوبي تي عملدرآمد کان واضح انڪار آهي. گڏيل بيان موجب غزه روڊ ميپ ۾ اسرائيلي فوج جو انخلا، غزه ۾ بين الاقوامي استحڪامي فورس جي مقرري، غزه جو انتظام قومي ڪميٽي حوالي ڪرڻ ۽ غزه جي ٻيهر تعمير شامل آهي. 8 اسلامي ملڪن آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل طرفان غزه منصوبي تي مڪمل عملدرآمد يقيني بڻائي. بيان ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته اسرائيل جي انڪار، رڪاوٽ يا دير جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ذميواري پڻ اسرائيل تي عائد ٿيندي. اسلامي ملڪن فلسطيني رياست جي قيام کان انڪار جي هر ڪوشش رد ڪندي چيو آهي ته 1967ع جي سرحدن تي آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ئي خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جي بنياد بڻجي سگهي ٿو، جنهن جو گاديءَ جو هنڌ اوڀر بيت المقدس هجي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو غزه بابت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بورڊ آف پيس جي 15 نقاطي منصوبي کي رد ڪري ڇڏيو هو. اسرائيلي ميڊيا موجب نيتن ياهو غزه پيس بورڊ جي 15 نقاطي دستاويز کي رد ڪندي چيو ته اسرائيلي فوج غزه مان ان وقت تائين ڪنهن به قسم جو انخلا نه ڪندي، جيستائين حماس کي حقيقي طور غير مسلح نه ڪيو وڃي. نيتن ياهو جو چوڻ هو ته اسرائيل حماس جي رڳو ظاهري يا فرضي ڪمزوري نه، پر ان جي حقيقي فوجي صلاحيتن جو مڪمل خاتمو چاهي ٿو.

ٽيگس:
شيئر ڪريو:
لاڳاپيل خبرون
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن کي ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي: ايراني آرمي چيف
آمريڪا کي حملن لاءِ پنهنجي سرزمين فراهم ڪندڙ ملڪن …
19 Aug 2026
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌيڪ ماڻهو فوت
وچ آفريڪي جمهوريه ۾ سون جي کاڻ ڪرڻ سبب 100 کان وڌي…
20 Aug 2026
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا فوت
آمريڪي رياست الاسڪا ۾ چارٽر جهاز ڪري تباهه، 8 ڄڻا …
21 Aug 2026
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي ۾ شامل ٿيڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو
بنگلاديش پاڪستان، ترڪي ۽ سعودي عرب جي دفاعي معاهدي…
22 Aug 2026
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽاسڪ فورس جو اعلان ڪري ڇڏيو
آمريڪا ۽ گڏيل عرب امارات ملٽري آرٽيفيشل انٽيليجنس …
22 Aug 2026
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪندا، صدر ٽرمپ کي خدشو
مڊ ٽرم چونڊن ۾ ريپبلڪن هاريا ته ڊيموڪريٽس مواخذو ڪ…
22 Aug 2026
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ انتظاميا جي پاليسي رد
75 ملڪن جي مهاجر ويزا جي ڪارروائي روڪڻ واري ٽرمپ ا…
22 Aug 2026
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران کے خلاف آج سے اقتصادی ڈی ڈے کا آغاز ہورہا ہے۔   امریکی وزیر خزانہ نے کہ
امریکی وزیر خزانہ اسکاٹ بیسنٹ نے کہا ہے کہ ایران ک…
24 Aug 2026
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلاحيت ناهي: جي ڊي وينس
ايران وٽ عالمي واپاري رستا مڪمل طور بند ڪرڻ جي صلا…
24 Aug 2026
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
ايران ۾ قدرتي گئس جا نوان ذخيرا دريافت
24 Aug 2026