ماسٽرز هاڪي ورلڊڪپ ۾ پاڪستان ويٽرنز ٽيم کي پهرين ميچ ۾ ئي شڪست جو منهن ڏسڻو پيو
60 سالن کان وڌيڪ عمر واري ڪيٽيگري جي ميچ ۾ نيدرلينڊز پاڪستان کي 10 گولن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
اڳوڻن هاڪي اولمپئنز تي ٻڌل پاڪستان جي ٽيم ڪو به گول نه ڪري سگهي. پاڪستاني ٽيم ۾ اولمپئن شهباز سينيئر، طارق شيخ، خالد حميد ۽ ٻيا رانديگر شامل آهن.
ان کان علاوه گروپ ڊي ۾ پاڪستان سان گڏ نيدرلينڊز، ويلز ۽ آئرلينڊ جون ٽيمون شامل آهن.
پاڪستان پنهنجو ٻيو ميچ 9 آگسٽ تي آئرلينڊ ۽ 11 آگسٽ تي ويلز خلاف کيڏندو.