پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 21هين ورلڊ يوتھ اسڪريبل چيمپئن شپ ۾ ستين ڀيرو عالمي ٽيم ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو
چيمپئن شپ ۾ پاڪستاني رانديگرن سڀ کان وڌيڪ ٽرافيون کٽي عالمي سطح تي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي برتري ثابت ڪئي.
ٽيم ايونٽ ۾ پاڪستان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي، جڏهن ته انفرادي مقابلي ۾ آسٽريليا جي دينٿ فرنينڊو عالمي چيمپئن بڻجي ويو.
انفرادي مقابلن ۾ پاڪستان جا 3 رانديگر ٽاپ 10 ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب رهيا.
پاڪستان جي احمد سلمان انڊر 16 ڪيٽيگري، جڏهن ته احد صولت فاطمي انڊر 14 ڪيٽيگري ۾ عالمي چيمپئن شپ کٽي ورتي.
انڊر 12 ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جي مصطفيٰ فرحان ٻي پوزيشن حاصل ڪئي.
پاڪستاني ٽيم جي سڀ کان ننڍي عمر واري رانديگر تيمور وسيم انڊر 10 ڪيٽيگري ۾ عالمي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.
تيمور وسيم گذريل سال پڻ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي انڊر 8 ورلڊ ٽائيٽل کٽيو هو.
ورلڊ يوتھ اسڪريبل چيمپئن شپ ۾ 11 ملڪن سان تعلق رکندڙ 183 رانديگرن شرڪت ڪئي.