ابوظهبي ۾ جاري ورلڊ جوجٽسو چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان 2 گولڊ ۽ هڪ برانز ميڊل کٽي ورتا
ابوظهبي ۾ جاري ورلڊ جوجٽسو چيمپيئن شپ جي ماسٽرز ڪيٽيگري ۾ پاڪستان پهريون ڀيرو شرڪت ڪئي ۽ پهرين ئي ايونٽ ۾ 2 گولڊ ميڊل کٽي تاريخ رقم ڪري ڇڏي.
ورلڊ جوجٽسو چيمپيئن شپ ۾ اڳوڻي ايشيائي چيمپيئن ابو هريره ۽ محمد عمار ماسٽرز ڪيٽيگري جي ڊيو ۽ ڊيو شو ايونٽن ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيا.
ان کان علاوه محمد يوسف ۽ محمد عمر انڊر 21 ڊيو ڪيٽيگري ۾ برانز ميڊل کٽيو. ٻئي رانديگر اڄ انڊر 21 ڊيو شو ڪيٽيگري ۾ پڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪندا.
پاڪستان جوجٽسو فيڊريشن جي چيئرمين خليل احمد خان گولڊ ۽ برانز ميڊل کٽيندڙ قومي رانديگرن کي مبارڪباد ڏني.