گلاسگو ۾ جاري ڪامن ويلٿ گيمز دوران پاڪستاني باڪسر فاطمه زهرا باڪسنگ جي 60 ڪلوگرام ڪيٽيگري ۾ برانز تمغو کٽي نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي
سيمي فائنل ۾ فاطمه زهرا کي ڪينيڊا جي باڪسر هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. پهرين رائونڊ ۾ مخالف باڪسر کي 4-1 جي برتري حاصل هئي، جڏهن ته ٻئي رائونڊ دوران ريفري مقابلو روڪي ڇڏيو، جنهن سبب فاطمه ميچ هارائي ويئي، پر برانز تمغو حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي.
2014 کان پوءِ هي پهريون ڀيرو آهي جو پاڪستان ڪامن ويلٿ گيمز جي باڪسنگ ايونٽ ۾ ڪو تمغو حاصل ڪيو آهي.
ان کان علاوه، فاطمه زهرا ڪامن ويلٿ گيمز جي باڪسنگ ايونٽ ۾ تمغو کٽيندڙ پهريون پاڪستاني خاتون باڪسر پڻ بڻجي وئي آهي.
ياد رهي ته عورتن جي 60 ڪلوگرام ڪيٽيگري جي ڪوارٽر فائنل ۾ فاطمه زهرا نيوزيلينڊ جي جارڊن ولسن کي شڪست ڏئي سيمي فائنل تائين رسائي حاصل ڪئي هئي.